Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

(ابلق گھوڙي سوار، ص 6) تنهنڪري ان کي گھرجي ته هو خوش دلي سان قرباني جو فريضو سرانجام ڏئي ۽ گڏوگڏ قرباني جا مسئلا پڻ سکڻ جي ڪوشش ڪري ڇوته جنهن شخص تي شرعي اُصُولن جي بنا تي قُرباني واجب آهي، ان تي قُربانيءَ بابت مسئلا سکڻ به لازم آهن۔

      اَلْحَمْدُلله! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي اسان جي روزمرّه جي ڪيئي معاملن ۾ اسان جي رهنمائي ڪندي آهي، اهڙي طرح قُرباني ڪرڻ وارن جي آساني جي لاءِ "آن لائن قرباني ڪورس" به ڪرايو ويندو آهي، اهو ڪورس صرف 7 ڏينهن جو ٿيندو آهي، جنهن ۾ روزانو صرف اڌ ڪلاڪ (30 منٽ) جي ڪلاس ٿيندي آهي، خاص ڪري اهي عاشقانِ رسول جيڪي هن سال قرباني جي سعادت حاصل ڪندا، مشورو آهي ته اهي اهو قرباني ڪورس ضرور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ته جيئن اسان جي قرباني غلطين کان بچي شريعت جي مطابق دُرست طريقي سان ٿي سگھي۔

      اچو! قرباني بابت ڪجھ ضروري مسئلا ٻڌون ٿا:

قُرباني بابت ضروري مسئلا

(1) ڪجھ ماڻهو سڄي گهر جي طرفان هڪ ٻڪر قربان ڪندا آهن حالانڪ ڪڏهن ڪڏهن گھر جا ڪئي ڀاتي صاحبِ نصاب هوندا آهن، تنهنڪري سڀني تي قرباني واجب ٿيندي آهي انهن سڀني جي طرفان الڳ الڳ قرباني ڪئي وڃي، هڪ ٻڪر جيڪو سڀني جي طرفان ڪيو ويو ته ڪنهن جو واجب ادا نه ٿيو جو ٻڪري ۾ هڪ کان وڌيڪ حصا نٿا ٿي سگھن، ڪنهن هڪ طئي شده شخص جي طرفان ٻڪر قربان ٿي سگھي ٿو.

(2) وڏي جانور (يعني ڍڳو، ڳئون، مينهن وغيره) ۽ اُٺَ ۾ ست قربانيون (يعني پتيون) ٿي سگهن ٿيون۔ (فتاويٰ هندية،۵/۳۰۴ ملخَّصاً)

(3) نابالغ جي طرفان جيتوڻيڪ واجب ناهي پر ڪرڻ بهتر آهي ۽ اجازت به