Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

سائين (Grandfather) کان حاصِل ڪئي، سَيدي قطبِ مدينه سيالڪوٽ (پنجاب پاڪستان) جي مشهور عالِم حضرت علّامه مَولانا محمد حُسَين نقشبندي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان پڙھيو ٭ سَيدي قطبِ مدينه ان کان پوءِ مشهور محدّث حضرتِ علّامه وصي احمد مُحَدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي درس ۾ شامل ٿي ويا، ٭ سَيدي قطبِ مدينه تقريباً چار (4) سال تائين انهن کان تعليم حاصِل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري، ۱/ ۱۶۷ملخصاً) انهيء دوران پاڻ، اُستادِ محترم سان گڏ اعلي حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جا مُريد ٿيا ۽ پوءِ خلافت سان نوازيا ويا.

اخلاق و عادات!

٭ سَيدي قطبِ مدينه نهايت ئي پسنديده اَوصاف ۽ اَخلاق جا مالڪ هئا، ٭ سَيدي قطبِ مدينه هميشه يادِ خُدا ۾ رهندا هئا، ٭ سَيدي قطبِ مدينه شب بيدار ۽ تهجُّد گذار ها، ٭ سَيدي قطبِ مدينه اِشراق، چاشت ۽ اوّابين جي نماز جا پابند ها، ٭ سَيدي قطبِ مدينه ڪمزوري ۽ پوڙهائپ جي باوجود اسلامي مهيني جي 15،14،13 تاريخ جا روزا نه ڇڏندا ها۔ (سيدي ضياءالدين احمد القادري،۱/۴۸۶،بتغير) ٭ سيدي قطبِ مدينه 77 سال مدينه شريف ۾ مقيم رهيا ٭ سيدي قطبِ مدينه جي مڪانِ عالي شان تي روزانو محفلِ نعت منعقد ٿيندي هئي۔

وصال مبارڪ ۽ تدفين

٭ سَيدي قطبِ مدينه جو وصال 4 ذُوالحِجَّة الحَرام 1401 ھ بمطابق 2-10-1981 بروزِ جمعه اذان دوران ٿيو، ٭ سَيدي قطبِ مدينه جي غُسل شريف کان پوءِ سندن ڪفن کي ان مبارَڪ پاڻي سان ڌوتو ويو جنهن پاڻي سان سرڪارِ مدينهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قبرِ انور کي غُسل ڏنو ويو ۽ مُختلِف تَبَرُّڪات رکيا ويا، پوءِ ڪفن شريف پارايو ويو۔ ٭ سَيدي قطبِ مدينه جو مبارَڪ جنازو عصر نماز کان پوءِ دُرُود و سلام ۽ قصيدهءِ بُرده شريف جي گُونج ۾ کنيو ويو، ٭ سَيدي قطبِ مدينه کي سندن آرزو جي مُطَابِق جنّت البقيع ۾ اَهلِ بَيتِ اَطهار عَلَيهمُ