Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

کي نقصان ۾ وجھڻ واري ڳالھ آهي، هن سان مسوڙا ۽ ڏند خراب ٿيندا آهن، گوشت جي ڪثرت سان گُڙدن (Kidneys) ۾ يورِڪ ايسِڊ (Uric Acid) جي زِيادتي ٿي ويندي آهي، گُڙدا ان کي آساني سان خارج نٿا ڪن، گوشت جو وڌيڪ استعمال جگر (Liver) جي لاءِ به نُقصان ده آهي، وڌيڪ مقدار ۾ گوشت کائڻ سان ڪينسر (Cancer) جو امڪان وڌي ويندو آهي۔ تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته انسان پنهنجي صحت کي غنيمت سمجھندي، پنهنجو پاڻ کي لذّتن، چسڪي دار کاڌن، تيل ۽ گيھ ۾ تريل ۽ سڻڀ وارين غذائن جو عادي نه بڻائي، گهڻو گوشت کائڻ جي ڪري ٿيندڙ تباھ ڪارين کي ذهن ۾ رکي، پنهنجي نفس کي ڪنٽرول ۾ رکي، گوشت کائڻ ۾ احتياط جو دامن پڪڙي رکي، خصوصًا دعوتن ۽ دوستن سان گڏ کاڌو کائڻ وقت ته تمام ئي گھڻي احتياط ڪرڻ گھرجي ته جيئن گهڻو گوشت کائڻ جي نتيجي ۾ ٿيڻ وارن نقصانن کان بچي سگھجي۔

الله پاڪ اسان کي کائڻ سميت هر جائز ڪم ۾ درميانو انداز اپنائڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔آمين

نفس نے  لذّتوں میں پھنسایا                                              مجھ پہ لطف و کرم ہو خدایا

دل سے چاہت مٹا ما سِوا کی                                               میرے مولیٰ تو خیرات دیدے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مجلس اجتماعي قرباني

اي عاشقانِ رسول! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جا 107 شعبا آهن، جن مان هڪ شعبو ”مجلس اجتماعي قرباني“ به آهي، اها مجلس دعوتِ اسلامي تحت ٿيڻ واري اجتماعي قرباني جا سمورا انتظام سنڀاليندي آهي۔ اها مجلس پهريان اجتماعي قرباني جي بڪنگ ڪندي آهي، هن مجلس