Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

(Meat) جا طبّي فائدا ۽ وڌيڪ کائڻ جا نقصان به بيان ڪيا ويندا، ذُوالحِجَّه جي ابتدائي 10 ڏينهن ۾ عبادت جي حوالي سان به ٻڌنداسين، ضِمناً ذِڪرُالله جون فضيلتون ۽ نفل روزن بابت به ٻڌنداسين جڏهن ته آخر ۾ عرب و عجم جي شيخ، خليفه اعليٰ حضرت سيدي قُطبِ مدينه حضرت علّامه مَولانا ضياءالدّين احمد مَدَني قادري رضوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سيرتِ پاڪ جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ڪيون وينديون۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔آمين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪهڙي شيء روزو رکڻ تي آماده ڪيو؟

حضرت سَيدتُنا عائشه صِدّيقه رَضِىَ اﷲُ عَنْهَا کان روايت آهي ته هڪ جَوَان جيڪو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون حديث سڳوريون ٻڌندو هو، جڏهن ذُوالۡحِجَّه جو چنڊ نظر آيو ته ان روزو رکي ورتو، جڏهن پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اها خبر ملي ته اُمّت تي مهربان، ٻنهي جھانن جي سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي گھرائي پڇا ڪيائون: توکي ڪهڙي شيء روزو رکڻ تي آماده ڪيو؟ ان عرض ڪيو: يارسولَ الله (صَلَّى اللهُ عَلَيۡکَ وَسَلَّم)! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين، هي حج ۽ قرباني جا ڏينهن آهن، شايد الله پاڪ مون کي به هنن جي دعائن ۾ شامل فرمائي۔ حضورِ پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: تنهنجي هر ڏينهن جي روزي جو اجر سو (100) غلام آزاد ڪرڻ جي برابر، سو (100) اُٺن جي قربانين ۽ راھِ خدا ۾ ڏنل سو (100) گھوڙن جي اَجر جي برابر آهي۔ جڏهن اٺين ذُوالۡحِجَّه جو ڏينهن ٿيندو ته توکي ان ڏينهن جي روزي جو ثواب ٻه هزار(2000) غلام آزاد ڪرڻ، ٻه هزار (2000) اُٺن جي قرباني ڪرڻ ۽ راھِ خدا ۾ سواري جي لاءِ ٻه هزار (2000) گھوڙا ڏيڻ جي برابر حاصل ٿيندو۔ جڏهن نائين جو ڏينهن ٿيندو ته توکي ان ڏينهن جي روزي جو ثواب هزار (1000) غلام آزاد ڪرڻ، هزار (1000) اُٺن جي قرباني ۽ راھِ خدا ۾ سواري جي لاءِ ڏنل هزار