Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

گھٽ ڪرڻ جي لاءِ ان سان گڏ سبزين (Vegetable) جو استعمال ضرور رکو۔ اچو! هاڻي گوشت جا چند طبي فائدا ۽ وڌيڪ گوشت کائڻ جي نُقصانن جي باري ۾ ٻڌون ٿا.

 گوشت جا طبي فائدا

طبيبن جو چوڻ آهي ته گوشت کائڻ سان (بدن جي) 70 قُوّتن ۾ اِضافو ٿئي ٿو، ان سان بصارت (ڏسڻ جي قوت) وڌيڪ ٿيندي آهي، گوشت بدن جي رنگ کي نکاري ٿو، پيٽ کي وڌڻ ناهي ڏيندو، اخلاق ۽ عادتن کي بهتر بڻائيندو آهي، ڪنڌ جو گوشت بهترين لَذِيذ، جلد هضم ٿيڻ وارو ۽ هلڪو هوندو آهي، دَستيءَ(ٻانهن) جو گوشت سڀ کان هلڪو، لذيذ تَرين، جلد هضم ٿيڻ وارو ۽ بيماري کان خالي هوندو آهي، پاڏي جو گوشت بالخصوص جڏهن پاڏو صحت مند هجي، نهايت مُعتدِل، لذيذ، عُمده ۽ پسنديده هوندو آهي، گرم هوندو آهي ۽ جيڪڏهن عُمدَه طَرِيقي سان هضم ٿئي ته ان جو شمار قوت بخش غذا ۾ ٿئي ٿو۔ عام طور تي استعمال جي لاءِ شوروي (يعني رس) وارو گوشت بهتر رهي ٿو، سڀ کان بهتر گوشت ٻڪري جو هوندو آهي، ٻڪري جي گوشت ۾ دَستي ۽ ڪنڌ اهي مقام آهن جتي نسون ٿلهيون ناهن هونديون ۽ گوشت جلدي ڳرندڙ ۽ مُلائم هوندو آهي، پٺيءَ جي گوشت جي نس ران کان گھٽ ٿلهي هوندي آهي ان ۾ خون پيدا ڪرڻ وارا اجزاء ملندا آهن، گوشت بدن کي وڌائي ڪري طاقت بخشيندو آهي، گوشت جا فائدا جانورن جي حساب سان مختلف آهن، ٻڪري جو گوشت صاف رت پيدا ڪندو آهي ۽ گرم مزاجن جي لاءِ مفيد آهي۔

وڌيڪ گوشت کائڻ جا نقصان

اچو هاڻي ڪثرت سان گوشت کائڻ جا نُقصان به ٻڌون ٿا،

ياد رکو! انساني جسم جي لاءِ هفتي ۾ ٻه ٽي (2/3) ڀيرا کان وڌيڪ گوشت جو استعمال نُقصان ده آهي، وڏي جانور جو گوشت وڌيڪ کائڻ پنهنجو پاڻ