Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

٭ ۽ جيڪڏهن چڱي طرح نه ڄاڻيندو هجي ته ٻئي کي ذبح ڪرڻ جو حڪم ڏي پر ان صورت ۾ بهتر هي آهي ته قربانيءَ جي وقت اتي موجود هجي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۴۴،حصه۱۵ملخصاً) ٭ ٻئي کان ذبح ڪرايائين ۽ خود پنهنجو هٿ به ڇري تي رکيائين جو ٻنهي گڏجي ذبح ڪيو، تـه ٻنهي تي بِسْمِ الله چوڻ واجِب آهي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۱،حصه۱۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”الله جي نعمتن جي قدر ڪريو“۔ جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته الله پاڪ جي نعمتن تي اسان جو اندازِ شڪر ڪيئن هئڻ گھرجي؟ ڪنهن نعمت جي وڃڻ تي نا شڪري کان بچندي اسان صبر و تحمل جو مظاهرو ڪهڙي طرح ڪري سگھون ٿا؟ اهو به ٻڌنداسين ته نعمتن جي ملڻ ۽ انهن جي وڃڻ تي اسان جي بزرگ سڳورن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهِم اَجمَعِين جو انداز ڪيئن هوندو هو؟ ان جي علاوه الله پاڪ جي نعمتن جي حوالي سان مدني گل ۽ واقعا ٻڌڻ جي سعادت به حاصل ڪنداسين۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت