Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

سان وابسته وس آهر هن شعبي جا ماهر ۽ تجربيڪار اسلامي ڀائر مويشي منڊي وڃي جانورن جي خريداري شرعي اُصولن جي مطابق ڪندا آهن۔ جانورن جو چارو، پاڻي، انهن جي سارسنڀار، انهن جي حفاظت جو انتظام، قصائي کان جانور ذبح ڪرڻ ۽ انهن جي ڪٽائيءَ جي اُجرت طئي ڪرڻ، شرعي ذبح کان پوءِ هر جانور جا الڳ الڳ حصا بڻائي شرعي اُصولن جي مطابق گوشت حصيدارن جي حوالي ڪرڻ ۽ اجتماعي قرباني کان بچڻ واري رقم حصيدارن تائين پهچائڻ وغيره، انهيء مجلس جي ذمه دارين ۾ شامل آهي۔

الله ڪريم مجلس اجتماعي قرباني جون ڪاوشون پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

قربانيءَ جون کلون دعوتِ اسلامي کي ڏيو:

اي عاشقانِ رسول! هاڻي اوهان ٻڌو ته عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي خدمت دِين جي 107 شعبن ۾ مصروفِ عمل آهي۔ ياد رهي! انهن سمورن شعبن کي هلائڻ جي لاءِ ڪروڙين روپين جا اَخراجات ٿيندا آهن۔ جيڪي مُخَير حَضرات جي تعاوُن سان ئي پورا ٿيندا آهن، ان جي علاوه قربانيءَ واري عيد جي موقعي تي هنن شعبن کي هلائڻ لاءِ قرباني جون کلون به گڏ ڪيون وينديون آهن۔ قربانيءَ واري عيد جي آمد آمد آهي۔ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو خدمتِ دين جو عظيم ڪم اوهان جي سامهون آهي، تنهنڪري اوهان سان مَدَني اِلتجا آهي ته نه صرف پنهنجي جانور جي قرباني جون کلون دعوتِ اِسلامي کي ڏيو، بلڪ پنهنجي رشتيدارن کي به دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۽ مختلف شعبن جو تعارف پيش ڪندي انهن جو به ذهن بنائڻ جي ڪوشش ڪريو ته هو به قربانيءَ جون کلون دعوتِ اسلامي ئي کي ڏين۔

اَلْحَمْدُلِلّٰه! پاڪستان جي ڪم و بيش هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪيئي هنڌن