Book Name:Hajj Kay Mahinay Kay Ibtedae 10 Din

      اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُلِلّٰه نَفلي روزن جا به بي شُمار ديني ۽ دُنيوي فائدا آهن ۽ ثواب ته ايتري قدر گھڻو آهي جو دلي چاهي ٿي ته بس روزا رکندا ئي رهون۔ مثال طور ايمان جي حفاظت، جهنَّم کان نَجات ۽ جنَّت جو حُصُول، روزي ۾ ڏينهن جو کائڻ پيئڻ ۾ خرچ ٿيڻ واري وَقت ۽ اَخراجات جي بچت، پيٽ جي اِصلاح ۽ کوڙ سارين بيمارين کان حفاظت جو سامان آهي۔ سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته روزي دار کان الله پاڪ راضي ٿي ويندو آهي، تنهنڪري اسان کي ڪوشش ڪري هر مهيني ڪجھ نه ڪجھ نفلي روزا به رکڻ گھرجن، خاص ڪري سومر شريف، جمعرات ۽ ايامِ بِيض (يعني هر اسلامي مهيني جي 13،14،15 تاريخ) جا روزا رکڻ ته سُنّتِ مبارڪه به آهي۔ جيئن

      اُمُّ الْمؤمنين حضرت سيدتنا عائشه صديقه رَضِىَ اﷲُ عَنْهَا کان روايت آهي، حضورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سومر ۽ جمعرات جو روزو رکندا هئا۔ (ترمذي،ابواب الصوم،باب ماجاء في صوم يوم الاثنين و الخميس،۲/۱۸۶،حديث:۷۴۵ملخصا) حضرت سَيدُنا ابنِ عباس رَضِىَ اﷲُ عَنْهُما کان روايت آهي، الله پاڪ جا نبي، مڪي مَدَني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايامِ بِيض ۾ بغير روزي جي نه هوندا ها، نه سفر ۾، نه سفر جي علاوه  ۔ (نسائي،ڪتاب الصيام،باب صوم النبي...إلخ،ص۳۸۶،حديث:۲۳۴۲) سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن مهيني ۾ ٽي روزا رکڻا هجن ته تيرهن (13)، چوڏهن (14) ۽ پندرهن (15) جو رکو۔ (ترمذي،ابواب الصوم،باب ماجاء في صوم ثلاثة ايام من ڪل شھر... الخ،۲/۱۹۳،حديث:۷۶۱) اميرِاهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه مَدَني انعامات ۾ نفل عبادتن جو شوق ڏياريندي هر سومر شريف جو روزو رکڻ جي ترغيب به ڏياري آهي، جيئن مَدَني انعام نمبر 58 آهي، ڇا اوهان هن هفتي سومر شريف (يا رهجي وڃڻ جي صورت ۾ ڪنهن به ڏينهن) جو روزو رکيو؟ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ڪثير عاشقانِ رسول سومر شريف جي روزي جو اهتمام ڪندا آهن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ذُوالحِجَّة جي انهن 10 ڏينهن ۾ ڪثرت سان