Book Name:Bimari Kay Faiedy

توڙي جو  بظاهر هن سان تڪليف پهچندي آهي پر حقيقت ۾ راحت ۽ آرام جو هڪ تمام وڏو ذخيرو هٿ ايندو آهي۔ اها ظاهري بيماري جنهن کي بيماري سمجھيو ويندو آهي، حقيقت ۾ روحاني بيمارين جو هڪ تمام زبردست علاج آهي۔ اصل ۾ حقيقي بيماري روحاني امراض (يعني دُنيا جي مَحَبَّت، دولت جي لالچ ، ڪنجوسي، دل جي سختي وغيره) آهن جو اهي تمام وڏي خوف جو سبب آهن ۽ انهيء کي مرضِ مُهلِڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ واري بيماري) سمجھڻ گھرجي۔ (بهارِ شريعت،۱/۷۹۹)

(3) ٽيون مدني گل اهو به مليو ته ملائڪن، جنّن ۽ انسانن جا سردار، ٻنهي جھانن جا مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جھڙا بشر نه  آهن،  ملائڪن کي ڏسڻ ته پري جي ڳالھ آهي اسان کي ته مخصوص فاصلي تي موجود انسان يا وڏي شيء کي ڏسڻ ۾ به وڏي مشڪل پيش ايندي آهي، پر قُربان وڃجي! نگاھ مُصطَفٰي تي جنهن نه صرف لڪيل نوري مخلوق يعني ملائڪن کي ڏسي ورتو بلڪ اهي ڪهڙي مقصد جي لاءِ، ڪهڙي جڳھ تي ۽ ڪنهن کي ڳولڻ جي لاءِ آيا آهن، نمازي ڪهڙي سبب عبادت کان عاجز ٿيو، ملائڪن واپس موٽي ربِّ ڪريم کي ڇا عرض ڪيو ۽ الله پاڪ انهن کي بيمار جي باري ۾ ڪهڙو حڪم ارشاد فرمايو، اهي تمام معاملا به پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ملاحظه فرمائي ورتا۔

نگاه مُصطَفٰي جي شان ۽ عظمت

نگاھ مُصطَفٰي جي شان ۽ عظمت بيان ڪندي حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: نبي ڪريم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي هر اُمّتي ۽ ان جي هر عمل کان خبردار آهن۔ حضورِ انور، شافعِ محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون نگاھون اونداهي، سوجھري، کليل، لڪيل، موجود ۽ معدوم (ختم ٿيڻ واري) هر شيء کي ڏسي وٺنديون آهن۔ (مراٰة المناجيح،۱/۴۳۹)

    (مفتي صاحب هڪ ٻئي جڳھ تي فرمائن ٿا ته)  حضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ  انور جي نگاھ غيبي شيون ڏسندي آهي ۽ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ  جا مبارڪ ڪن غيبي آواز ٻڌندا آهن جنهن  نگاھ کان الله ڪريم ئي نه لڪيو ته ان کان ٻي ڪهڙي شيءِ لڪي سگهي ٿي. ( مرآۃ المناجیح،۷/۱۵۴)