Book Name:Bimari Kay Faiedy

ناهي ڏکائي“۔ ”ڪنهن جو ڪجھ ناهي بگاڙيو پر پوءِ به خبر ناهي ڇو مان بيمارين ۾ وڪوڙيل رهان ٿي“ وغيره۔! اهڙِن جي لاءِ عرض آهي ته ”ٻين جو بُرو چاهڻ يا ڪجھ بگاڙڻ“ ئي بيمارين جي اچڻ جو سبب ناهي ٿيندو، ڪڏهن ڪڏهن اهي ئي بيماريون انسان کي نيڪ ماڻهن جي مرتبي تائين پهچائڻ جو ذريعو بڻجي وينديون آهن، جيئن

بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ جي حڪمت

حضرت سيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت آهي: ٻه عبادت گذار پنجاھ (50) سالن تائين الله پاڪ جي عبادت ڪندا رهيا، پنجاھ سالن جي آخر ۾ انهن مان هڪ جي جسم ۾ هڪ خطرناڪ بيماري لڳي وئي، ان روئڻ شروع ڪيو ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هن طرح التجا ڪرڻ لڳو: اي منهنجا ڪريم ربّ! مون ايترا سال لاڳيتو تنهنجو حڪم مڃيو، تنهنجي عبادت ڪندو رهيس پوءِ به مون کي ايتري خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، هن ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ مان ته آزمائش ۾ اچي ويو آهيان، الله پاڪ ملائڪن کي حڪم فرمايو، هن کي چئو ”تو جيڪا عبادت ڪئي اها اسان جي ئي عطا ڪيل توفيق آهي، اها منهنجي احسان ۽ منهنجي مدد جو نتيجو آهي۔ باقي رهي بيماري ته هن ۾ مون توکي ان ڪري مبتلا ڪيو ته جيئن توکي چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي رُتبي تي فائز ڪيان۔ تو کان پهريان وارا ماڻهو ته بيماري ۽ مصيبتن جي خواهش ڪندا هئا ۽ تو کي ته مون بنا گھرڻ جي عطا ڪري ڇڏي۔ (عيون الحڪايات ،٢/١٩٦)

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو ٭ الله پاڪ جا عبادت گذار ٻانها به آزمائشن ۾ مبتلا ٿيندا آهن، ٭ الله پاڪ جا عبادت گذار ٻانها به بيمارين جي ذريعي آزمايا ويندا آهن، ٭ الله پاڪ بيمارين جي ذريعي ٻانهن کي چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي رُتبي تي فائز ڪرڻ جو ارادو فرمائيندو آهي، ٭ الله پاڪ بنا گھرڻ جي ئي بيماري جهڙي نعمت ۽ رحمت ٻانهي کي عطا فرمائيندو آهي، لهٰذا جڏهن به بيماري جي حالت ۾ وسوسا اچڻ لڳن ته پنهنجو ذهن ائين ٺاهيو ته بيمارين ۾ بي شمار حڪمتون آهن، پر مون کي انهن جو علم ناهي، جيڪڏهن مان بيماري ۾ مبتلا نه ٿيان ها ته شايد مان يادِ الٰهي، دِيني ڪم ۽ احڪام، قبر ۽ آخرت جي معاملن کان غافل ٿي وڃان ها، منهنجي سبب دِين جو نقصان ٿي وڃي ها،  ڪنهن خطرناڪ بُرائي مَثال