Book Name:Bimari Kay Faiedy

حاصل ڪري تمام علوم ۾ مهارت حاصل ڪئي۔ ٭ امير ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه علومِ ظاهري ۾ ڪامل مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ روحاني تربيت جي لاءِ حضرت بابا جي خواجه فقير محمد چوراهي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي سلسله عاليه نقشبنديه ۾ مُريد ٿي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ خلافت ۽ اجازت سان مشرّف ٿيا۔ ٭ امير ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه باعمل عالمِ دين، شيخِ طريقت، عظيم مُبَلِّغِ اسلام ۽ مُتَحَرِّڪ(Active) رهنما هئا۔ v امير ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تبليغِ اسلام جي سلسلي ۾ قيمتي خدمتون انجام ڏنيون۔ ٭ امير ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪوششن سان ڪيئي غير مسلم اسلام جي دامن سان وابسته ٿيا۔ ٭ اميرِ ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سوين مسجدون ۽ ڪيئي مدرسا قائم ڪيا ٭ امير ملّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تحريڪ پاڪستان ۾ به ڀرپور حصو ورتو۔(تذڪره اڪابر اهلِ سنّت ، ص ۱۱۳تا۱۱۵ ملتقطاً) ٭ امير ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيماري جي حالت ۾ به تمام نمازون باجماعت ادا ڪندا رهيا۔ (سيرت اميرِ ملت، ص ۴۹۹) ٭ اميرِ ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو وصال 26 ذوالقعدُة الحرام 1370ھ بمطابق 30 آگست 1951ء جو ٿيو۔ ٭ اميرِ ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مزار علي پور سيدان (ضلعي نارووال ، پنجاب، پاڪستان) ۾ پنهنجا جلوا لُٽائي رهي آهي۔  (تذڪره اڪابر اهلِ سنّت ، ص ۱۱۶۔۱۱۷)

اَمِيرِمِلَّت جو سفرِ مدينه

اَمِيرِ مِلّت حضرت مَولانا پِير سيد جماعت علي شاه مُحَدِّث علي پُوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڀيري مَدِينَهء مُنَوَّرَہ تشريف وٺي ويا ته سندن جي ڪنهن مُريد مَدِينَهء مُنَوَّرَہ جي هڪ ڪتّي کي اِتِّفاقًا پٿر هنيو جنهن جي ڌڪ سان ڪتو رڙيون ڪرڻ لڳو، حضرت اَمِيرِ مِلّت کي ڪنهن ٻڌايو ته توهان جي فُلان مُريد مديني شريف جي هڪ ڪتي کي ماريو آهي۔ اهو ٻُڌي  پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بي چين ٿي ويا ۽ پنهنجن مُريدن کي حُڪم ڏنائين ته فوراً اُن ڪتي کي تلاش ڪري هتي آڻيو جيئن ته ڪتو آندو ويو، حضرت اَمِيرِ مِلّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اٿيا ۽ روئيندي اُن ڪتي سان مُخاطِب ٿي چوڻ لڳا: اي حبيب جي ديس ۾ رہڻ وارا! لِله (يعني اللہ پاڪ جي واسِطي) منهنجي مُريد جي اِن  غلطي کي مُعاف ڪري ڇڏ ۔ پوءِ ڀُڳل گوشت اُن کي کارايائين ۽ کير گهرائي پياريائين، پوءِ اُن کي چيائين: جماعت علي شاھ توکان مُعافي گهري ٿو، خُدارا! اِن کي مُعاف ڪري ڇڏجان۔  

                                                           (سنّی علماء کی حکایات نمبر:۳۷، ص ۲۱۱ملخصاً)