Book Name:Bimari Kay Faiedy

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!   بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

ڳالهه ٻولهه   جون  سنتون   ۽   آداب

]1[  مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيو. ]2[ ننڍي اسلامي ڀيڻ سان شفقت وارو ۽ وڏين اسلامي ڀينرن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ انشآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي وٽ توهان معزز رهنديون. ]3[ وڏي آواز سان ڳالهائڻ جيئن اڄڪلهه بي تڪلفي سان اڪثر ماڻهو ڳالهائيندا آهن، اهو سنّت نه آهي ]4[  کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به انشآءَالله عَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به آدب سکندو. ]5[  ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي، ان سان ٻين کي ڪراهت محسوس ٿيندي آهي. ]6[ جيستائين هڪ اسلامي ڀيڻ ڳالهائي رهي هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت ناهي.  ]7[ ڳالهه ٻولهه ڪندي وقت بلڪ ڪنهن به حالت ۾ ٽهڪ نه ڏيو ڇوته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏنو. ]8[ گھڻو ڳالهائڻ ۽ هر هر ٽهڪ ڏيڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي. ]9[ فرمان مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ ”جيڪو چُپ رهيو، ان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو۔“ (سنن ترمذي ج 4 ص 225 حديث 2509). ]10[  ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه ٻئي اسلامي ڀيڻ جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي. ]11[ بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوي رضويه، ج 21 ص 127)