Book Name:Bimari Kay Faiedy

ڪجھ انصاري صحابي سڳورن عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ به اها ئي دعا ڪئي ته انهن تي به (انتقال فرمائڻ تائين)  بخار جي ڪيفيت طاري رهي۔ (احياء العلوم، ٤/٨٥٨)

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رهي فضائلِ دُعا جي صفحي نمبر 173 تي آهي ته هلڪو بخار، زڪام، مٿي جو سور ۽ اهڙي طرح جا ٻيا ننڍڙا مرض مصيبت نه آهن بلڪ نعمت آهن۔ (ان جي دعا ڪري سگهجي ٿي

بُخار جي شڪراني طور نفل ادا ڪرڻ وارا بُزرُگ

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: مٿي جو سور ۽ بخار اهي مبارڪ مرض آهن جيڪي انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام کي ٿيندا هئا، هڪ وَلِي الله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مٿي ۾ سور ٿيو، پاڻ ان جي شڪر ۾ سموري رات نفل ۾ گذاري ڇڏي ته ربُّ العزت مون کي اهو مرض ڏنو جيڪو انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام کي ٿيندو هو۔ الله اَڪبَر!اسان وٽ حالت اها آهي جو جيڪڏهن معمولي درد معلوم ٿي وڃي ته اهو خيال ڪندا آهن ته جلدي جلدي ۾ فرض نماز پڙھي وٺجي۔ پوءِ فرمايائون: هر هڪ مرض يا تڪليف جسم جي جنهن جڳھ تي ٿيندي آهي اها وڌيڪ ڪفارو انهيء جڳھ جو ٿيندي آهي ته هن جو خاص تعلق ان سان آهي، پر بخار اهو مرض آهي جو تمام جسم ۾ سرايت ڪري ويندو آهي جنهن سان بِاِذْنِهٖ تَعَالٰي (يعني الله ڪريم جي حڪم سان) تمام رَڳ رڳ جا گناھ ڪڍي وٺندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مون کي اڪثر بخار ۽ مٿي جو سور رهندو آهي۔ (ملفوظات اعليٰ حضرت، ص ۱۱۸ تا ۱۱۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  عام طور ڪجھ اسلامي ڀينرن جي اها عادت هوندي آهي ته جڏهن بيمار ٿينديون آهن ۽ ڪا اسلامي ڀيڻ پڇڻ ايندي اٿن ته هروڀرو انهن جي سامهون شڪوا شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏينديون آهن۔ مثال طور ”اڙي ادي! ڇا ٻڌايان؟ بيماريون جان ئي نٿيون ڇڏين“۔ ”علاج ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پئي آهيان پر ڪٿان کان فائدو نه پيو ٿئي“۔ ”ايترو پرهيز ڪيان پئي پر ”مَرَض ويتر وڌندو پيو وڃي“۔ ”مهانگن اسپتالن ۽ دواخانن جا ڌڪا به کاڌا“۔ ”مهانگيون دوائون به استعمال ڪيون، هڪ عرصي کان تعويذ به استعمال