Book Name:Bimari Kay Faiedy

الله پاڪ فرمائيندو آهي: منهنجو ٻانهو ڏينهن ۽ رات ۾ جيڪي عمل ڪندو هو، ان جي لاءِ اهي عمل لکو ۽ ان جي اجر ۾ گهٽتائي نه ڪيو، جيستائين هو منهنجي طرفان آزمائش ۾ آهي، ان جو ثواب منهنجي ذِمّه ڪرم تي آهي ۽ جيڪي عمل اهو ڪندو هو، ان جي لاءِ انهن جو به ثواب آهي۔ (معجم اوسط،۲/ ۱۱،حديث: ۲۳۱۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حديثِ پاڪ مان اسان کي ڪجھ مدني گل حاصل ٿيا:

(1) پهريون مدني گل اهو مليو ته گفتگو ڪرڻ مهل مُسڪرائڻ سنَّت آهي۔ (مڪارِمُ الاخلاق،ص۳۱۹، رقم:۲۱)  مُرڪي ڪنهن کي سمجھائڻ عام طور نيڪي جي دعوت جي مدني ڪم کي نهايت آسان بڻائيندو آهي ۽ حيرت انگيز نتيجن جو سبب بڻجندو آهي۔ اوهان جي معمولي مُرڪ ڪنهن جي دل کٽي ان جي گناهن ڀري زندگي ۾ مدني انقلاب برپا ڪري سگھي ٿي۔ تنهنڪري سُنّت جي نِيت سان اسلامي ڀينرن کان مُرڪي ملڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جي عادت بنائڻ جي ڪوشش جاري رکڻ گھرجي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ان جا فائدا (Benefits) پنهنجي کليل اکين سان ڏسنديون۔

(2) ٻيو مدني گل اهو مليو ته بيمار کي گھرجي ته هو عارضي تڪليف جي سبب پنهنجي بيماري کي هرگز هرگز ناپسند نه ڪري، بيماري کي بُرو ڀلو نه چوي بلڪ بيماري کي ربِّ ڪريم جي هڪ عظيمُ الشَّان نعمت سمجھي ۽ ان نعمت تي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪري، ان ڪري جو بيماري جي ڪري مريض (Patient) کي اهڙيون اهڙيون برڪتون، فائدا ۽ ثمرات نصيب ٿيندا آهن جو جيڪڏهن مريض کي انهن برڪتن جو علم ٿي وڃي ته سڄي عمر بيمار رهڻ ئي پسند ڪري، جيئن

بيماري به هڪ تمام وڏي نعمت آهي

بهارِ شريعت جا ليکڪ حضرت مُفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته: بيماري به هڪ تمام وڏي نعمت آهي، ان جا فائدا بي شمار آهن،