Book Name:Bimari Kay Faiedy

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڇپيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتون  ۽ آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله!    آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: ”ذوالحج جي فضيلت“ هن بيان ۾ اِنْ شَآءَ الله ذوالحج جي فضيلت، قرباني جون فضيلتون ۽ مسئلا، گوشت جا طبي فائدا ۽ وڌيڪ کائڻ جا نقصان به بيان ڪيا ويندا جڏهن ته آخر ۾ عرب ۽ عجم جي شيخ، خليفهء اعليٰ حضرت، سيدي قُطبِ مدينه حضرت علّامه مَولانا ضياءالدّين احمد مَدَني قادري رضوي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سيرت جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ٿينديون، لهٰذا! ايندڙ اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين اسلامي ڀينرن کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو.