Book Name:Bimari Kay Faiedy

ڪري رهي  آهيان،  پر بيماريون آهن جو جند ڇڏڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن “۔ ”اڙي ڀيڻ! حال ڪهڙو پڇي ٿي؟ بيمارين ته جواني ۾ ئي پوڙھو ڪري ڇڏيو آهي“۔ ”معدو خراب رهي ٿو“۔ ”ڪمزوري وڌندي پئي وڃي“۔ ”شوگر Sugar، بلڊ پريشر(B.P.) ۽ يورڪ ايسيڊ (Uric acid) وڌي چڪو آهي “۔”دل، گُردي يا جگر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي“۔”بيمارين جي سبب ته مان زندگي جي حقيقي خوشين لاءِ ترسا پئي۔“وغيره وغيره۔

ياد رکو! بيماري جي حالت ۾ صبر ڪرڻ جي بدران اسلامي ڀينرن کي پنهنجا ڏُکڙا ٻڌائڻ، بيمارين جو ٻڌائڻ ۽ بي صبري جو مظاهرو ڪرڻ سان مرض ٺيڪ ٿيڻ کان ته رهيو، اُبتو اهڙي گفتگو سان بيماري جي برڪتن کان محرومي ٿي سگھي ٿي، جيئن ته

ملائڪن جي دعا کان محروم بيمار

حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن ڪو شخص بيمار ٿيندو آهي ته الله پاڪ ٻن ملائڪن کي حڪم فرمائيندو آهي: ڏسو! اهو شخص عيادت ڪرڻ وارن کي ڇا چوي ٿو؟ جيڪڏهن اهو الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري ۽ چڱي ڳالھ ڪري ته ٻئي ملائڪ ان کي دعا ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن شڪايت ڪري ۽ بيماري کي بُرو چوي ته اهي ٻئي ملائڪ چوندا آهن: تون انهيء حال ۾ رھ۔

(موطا امام مالڪ،ڪتاب العين،باب ما جاء في اجر المريض،۲/۴۲۹،حديث:۱۷۹۸،بتغيرقليل۔موسوعة لابن ابي الدنيا، ڪتاب المرض والڪفارات،۴/ ۲۳۸،حديث:۴۷،بتغيرقليل)

شڪوهعبادت جي لذّت کي ختم ڪري ڇڏيندي  آهي

مشهور بزرگ حضرت سَيدُنا شَقِيق بَلخِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن پنهنجي مصيبت جو ڪنهن سان شڪوو ڪيو ان کي ڪڏهن به عبادت جي لذّت نصيب نه ٿيندي۔ (منهاج القاصدين،ڪتاب الصبر والشڪر،ص ۳۲۳)

بخار جي شڪايت، درد جي شڪايت؟

اعليٰ حضرت، امامِ اهلِسنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: عوام ۽ خواص جي زبان تي اها ڳالھ مشهور آهي ته بخار جي شڪايت آهي، مٿي جي سور جي شڪايت آهي، زڪام جي شڪايت آهي، وغيره وغيره۔ اهو نه چوڻ گھرجي، ان ڪري جو سمورن مرضن جو اچڻ مِنْ جانِبِ الله (الله ڪريم جي طرف سان) هوندو آهي ته شڪايت ڪهڙي!