Book Name:Bimari Kay Faiedy

طور غُرور ۽  تَڪبُّر ۾ مبتلا ٿي وڃان ها ته يقيناً هلاڪت ۽ بربادي منهنجو مقدَّر بڻجي وڃي ها، جيئن ته

جسم بيمار نه ٿئي ها

حضرت سَيدُنا امام زينُ العابدين علي بن حُسين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن جسم بيمار نه ٿئي ته اهو آڪڙجي ويندو آهي ۽ آڪڙجندڙ جسم ۾ ڪا ڀلائي ناهي هوندي۔  (الله والوں جي باتيں،۳/۱۹۴)

فرعون جو خدائي جي دعوٰي ڪرڻ جو سبب

هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: فرعون جي خدائي جو دعوٰي ڪرڻ جو سبب اهو هو جو هو ڊگھي عرصي تائين صحت مند (Healthy) رهيو، ايستائين جو 400 سال گذري ويا پر ان جي مٿي ۾  به سور نه ٿيو نه ڪڏهن بخار ٿيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن رَڳ ۾ تڪليف ٿي، الله پاڪ جي هن تي لعنت هجي، جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اڌ مٿي ۾ به درد ٿيس ها ته خدائي جي دعوٰي ڪرڻ ته   پري  رهيو پر فضول ڪمن کان ئي جان ڇڏائي وٺي ها۔  (احياء العلوم،٤/٨٦١)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تذڪرو اميرِ مِلَت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ذُوالْقَعدَة الحَرَام جو مبارڪ مهينو پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه هن مبارڪ مهيني جي 26 تاريخ تي مشهور عاشقِ رسول بزرگ، اميرِملّت حضرت پير سيد جماعت علي شاھ نقشبندي مُحَدِّث علي پوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس به ملهايو ويندو آهي۔ اچو! انهيء مناسبت سان اسان سندن سيرت جي ڪجھ روشن پهلوئن جي باري ۾ ٻڌون ٿيون:

  ٭ امير ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ولادت 1257ھ بمطابق 1841ء ۾ علي پور سيدان (ضلعي نارووال، پنجاب، پاڪستان) ۾ ٿي۔ ٭ امير ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  قرآن ڪريم ياد ڪرڻ جي سعادت ۽ ابتدائي تعليم پنهنجي پاڙي ئي ۾ حاصل ڪئي۔ ٭ امير ملت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڌيڪ دِيني تعليم جي لاءِ مشهور عالم سڳورن سان فيض