Book Name:Bimari Kay Faiedy

پاڪ پنهنجو محبوب بڻائيندو آهي، ٭ بيماري جي حالت ۾ حمدِ الٰهي ڪرڻ واري جيڪڏهن انهيء بيماري ۾ انتقال ڪري وڃي ته جنت جي حقدار ٿيندي آهي، پر افسوس! ڪجھ ماڻهو بيمارين جي فضيلتن ۽ برڪتن کي سامهون رکڻ جي بدران بيمارين کي بُرو ڀلو چوڻ ۽ شڪوا شڪايت ڪرڻ لڳندا آهن، مثال طور چوندا آهن اهو بخار(Fever) به وڏي منحوس بيماري آهي، اهو مٿي جو سور به ڪيترو بُرو مرض آهي جو ان ته مون کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هن نزلي زڪام ته مون کي چريو ڪري ڇڏيو آهي جو ان جي سبب ته منهنجو سڄو ڏينهن ڊِسٽرب ٿي ويو آهي“ وغيره۔

بيمارين کي بُرو چوڻ هرگز عقلمندي ناهي خاص ڪري بخار ۽ مٿي جي سور کي، ان ڪري جو بخار ۽ مٿي جو سور اهي مبارڪ بيماريون آهن، جن کي نبين جي بارگاھ ۾ حاضري جو شرف نصيب ٿيو آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ به بخار کي بُرو چوڻ کان منع فرمايو ويو آهي، جيئن

بخار کي بُرو نه چئو

سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيدَتُنا اُمِّ سائب رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا وٽ تشريف وٺي ويا۔ فرمايائون: توهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڏڪي رهيون آهيو؟ عرض ڪيائون: بخار ٿي پيو آهي، الله پاڪ ان ۾ بَرڪت نه ڪري، ان تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ”بخار کي بُرو نه چئو ڇوته اهو انسان جي خطائن کي اهڙي طرح پري ڪندو آهي جيئن بٺي لوھ جي مير کي پري ڪندي آهي۔“ (مسلم، ڪتاب البر والصلة، باب ثواب المؤمن الخ ص۱۰۶۸، حديث: ۲۵۷۵)

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: بيماريون هڪ يا ٻن عُضوئن کي ٿينديون آهن  پر بخار مٿي کان پيرن تائين هر رڳ ۾ اثر ڪندو آهي، تنهنڪري هي سڄي جسم جي خطائن ۽ گناهن کي مُعاف ڪرائيندو۔ (مرآة المناجيح،۲/۴۱۳)

جڏهن شهنشاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو ارشاد فرمايائون:
بخار گناهن جو ڪفارو آهي۔ (مسلم، ڪتاب البر والصلة، باب ثواب المؤمنالخ، ص۱۰۶۸، حديث:۲۵۷۵، مفھومًا) ته حضرت سيدُنا زيد بن ثابت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هميشه بخار ۾ رهڻ جي دعا ڪئي۔ پوءِ انتقال فرمائڻ تائين سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تي بخار جي ڪيفيت طاري رهي۔ (قوت القلوب،شرح مقام التوڪل ووصف احوال المتوڪلين، ۲/ ۳۹)