Book Name:Bimari Kay Faiedy

        (حياتِ اعليٰ حضرت ،۳/۹۴)

جيڪڏهن اسان الله وارن جي سيرت جو مطالعو ڪريون ته اها ڳالھ روزِ روشن جيان واضح ٿي ويندي ته اهي حضرات ڏکين حالتن ۾ به صابر ۽ شاڪر رهندا هئا۔ ايستائين جو شديد بيماري ۾ به انهن جي چپن تي ڪڏهن به ناشڪري جا لفظ نه ٻڌا ويندا هئا ۽ نه ئي اهي حضرات پنهنجي بيمارين جو تذڪرو ڪندا هئا، اچو! ترغيب جي لاءِ ٻه مختصر واقعا ٻڌون ٿيون، جيئن

بخار جو تذڪرو زبان تي نه آندائون

حَنبَلِين جي عظيم پيشوا حضرت سيدُنا اِمام اَحمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ڪنهن پڇا ڪئي: اي ابو عبدُالله! اوهان ڪيئن آهيو؟ فرمايائون: خير ۽ عافيت سان آهيان۔ چيائين: ٻڌو آهي ڪلھ رات اوهان کي بخار هو؟ فرمايائون: جڏهن توهان کي چئي چڪو آهيان ته خير ۽ عافيت سان آهيان ته ڪافي آهي، جيڪا ڳالھ چوڻ نٿو چاهيان اها نه پڇا ڪيو۔ (منهاج القاصدين،ڪتاب الصبر والشڪر،ص۳۲۳)

شڪايت ڪهڙي؟

خليفه اعليٰ حضرت مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي: هڪ ڀيري اعليٰ حضرت (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) بيمار ٿي پيا، مان پڇڻ جي لاءِ ويس، معمول موجب پڇا ڪئي: حضور! هاڻي شڪايت جو ڇا حال آهي؟ فرمايائون: شڪايت ڪنهن سان؟ الله پاڪ کان نه ته شڪايت پهريان هئي نه هاڻي آهي، ٻانهي کي خدا سان ڪهڙي شڪايت! (صَدْرُالشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته:) اهو ٻڌي مون سڄي زندگي جي لاءِ ان جملي کان توبه ڪري ورتي۔ (فتاويٰ امجديه ،۲/۳۸۸)

زَباں پر شِکوۂ رنج و اَلَم لایا نہیں کرتے                                    نبی کے نام لیوا غم سے گھبرایا نہیں کرتے

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عام طور ڪجھ اسلامي ڀينرون جڏهن مسلسل بيماري ۾ مبتلا رهنديون آهن يا هڪ جي پٺيان ٻئي بيماري ايندي اٿن ته انهن جي ذهنن ۾ عجيب ۽ غريب منفي خيال ۽ وسوسا گردش ڪرڻ لڳندا آهن، مثال طور مون ته ڪڏهن ڪنهن جو بُرو ناهي چاهيو“۔ ”ڪنهن جو حق ناهي کاڌو يا ڦٻايو“۔ ”ڪنهن کي تڪليف ناهي پهچائي“۔ ”ڪنهن جي دل