Book Name:Bimari Kay Faiedy

صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

    پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع جي بيان جو موضوع آهي ”بيماري جا فائدا“۔ جنهن ۾ اسان بيماري جون فضيلتون، بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جا واقعا ۽ حڪايتون ۽ ٻيا کوڙ مدني گل ٻڌنديوسين۔ اي ڪاش جو! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيماري رحمت آهي

 حضرت سَيدُنا ابنِ مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ روايت ڪن ٿا ته، حضورِ پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: مومن تي تعجب آهي جو اهو بيماري کان ڊڄي ٿو، جيڪڏهن هن کي خبر پئجي وڃي ها ته بيماري ۾ ان جي لاءِ ڇا آهي؟ ته سڄي زندگي بيمار رهڻ پسند ڪري ها۔ پوءِ نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مٿو مبارڪ  آسمان ڏانهن کڻي مسڪرائڻ لڳا۔ عرض ڪيو ويو، يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان آسمان ڏانهن مٿو کڻي ڇو مسڪرايو؟ ارشاد فرمايائون: مان ٻن ملائڪن تي حيران آهيان جو اهي  ٻئي هڪ ٻانهي کي مسجد ۾ ڳولي رهيا هئا، جنهن مسجد ۾ اهو نماز پڙھندو هو، جڏهن ملائڪن ان کي نه ڏٺو ته واپس موٽي ويا ۽ عرض ڪيائون، اي ربِّ ڪريم! اسان تنهنجي فُلاڻي ٻانهي جا ڏينهن ۽ رات ۾ ڪيل عمل لکندا هئاسين، پوءِ اسان ڏٺو ته تو ان کي آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو۔