Book Name:Bimari Kay Faiedy

  امامِ عشق و محبت، اعليٰ حضرت پنهنجي مشهورِ زمانه نعتيه ديوان
”حدائقِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:

اور کوئی غیب کیا تم سے نہاں  ہو بھلا

جب  نہ خدا ہی چھپا تم پہ کروروں دُرود

                                                                    (حدائقِ بخشش، ص۲۶۴)

شعر جي وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جي شانِ عَظَمت نشان جي ڇا ڳالھ ڪجي! معراج جي رات بيداري ۾ اوهان پنهنجي مبارڪ اکين سان پنهنجي ربِّ ڪريم جو دِيدار ڪيو، پوءِ اهڙي طرح الله ڪريم جيڪو سڀني کان لڪيل آهي، اهو به پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي ظاهر ٿي ويو ته هاڻي ٻيو ڪو غيب اوهان کان ڪهڙي طرح لڪي سگھي ٿو.

 (4) چوٿون مدني گل اهو مليو ته بيماري سبب جيڪڏهن مريض اهي نيڪ عمل نه ڪري سگھي جيڪو هو تندرستي جي حالت ۾ ڪندو هو ته ربِّ ڪريم پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ان کي انهن عملن جو به ثواب عطا فرمائيندو آهي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان تندرستي جي حالت ۾ به   نيڪين جي عادت بڻايون، تندرستي جي حالت ۾ به پنجن ئي وَقتن جي نماز   سان گڏوگڏ سُنّتون ۽ نفل پڻ ادا ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به فرضن، واجبن ۽ سُنّتن تي عمل ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به فرض روزن سان گڏوگڏ  ممڪن صورت ۾ نفل روزا به رکون، تندرستي جي حالت ۾ به تلاوتِ قرآن جي ڪثرت ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به قرآنِ ڪريم جي احڪام تي عمل ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به ذڪر ۽  دُرود سان پنهنجي زبانن کي تر رکون، تندرستي جي حالت ۾ به صدقي ۽ خيرات (Charity) جو پنهنجو معمول بڻايون، تندرستي جي حالت ۾ به اسلامي ڀينرن جي خير خواهي ۾ اڳتي رهون، تندرستي جي حالت ۾ به والدين ۽ مڙس جي خدمت ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به الله پاڪ ۽ ٻانهن جا حق پورا پورا ادا ڪريون، تندرستي جي حالت ۾ به صرف ۽ صرف حلال رزق ئي کائون، تندرستي جي حالت ۾ به عِلمِ دين سکون ۽ سيکاريون، تندرستي جي حالت ۾ به مڪتبة المدينه تان جاري ڪيل ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو ڪنديون رهون، تندرستي