Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

تياري جو ذهن بڻجندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن ۽ نيڪ ٻانهين جي نقشِ قدم تي هلڻ جو ذهن بڻجندو آهي۔ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري چڱيون عادتون بڻجنديون آهن، ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري بُرين خصلتن کان ڇوٽڪاري جو ذهن بڻجندو آهي، ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري دنيا ۾ به آٓسانيون ٿي وينديون آهن ۽ ٭ نفس جي مُحاسَبي جي ڪري آخرت به موچاري ٿي ويندي آهي۔

اهو ئي سبب آهي جو اسان جو دِين نفس جي مُحاسَبي جي گھڻي تلقين ڪري ٿو، اچو! هاڻي اسان نفس جو مُحاسَبو ڇا کي چئبو آهي اهو ٻڌون ٿيون ته جيئن اسان وڌيڪ سٺي انداز ۾ پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھون، جيئن

مُحاسَبو ڇا آهي ؟

حُجَّةُ الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي مشهور ڪتاب ”اِحياء العلوم“ ۾ لکن ٿا: عملن جي ڪثرت ۽ مقدار ۾ گھڻائي ۽ نُقصان جي سڃاڻپ جي لاءِ جيڪو غور ڪيو ويندو آهي ان کي مُحاسَبو چوندا آهن، جيڪڏهن ڪو پنهنجي سڄي ڏينهن جي عملن کي سامهون رکي ته جيئن ان کي ڪمي بيشي جي خبر پوي، اهو ئي مُحاسَبو آهي۔ (احياء العلوم،۵/۳۱۹)

غور ۽  فڪر ڇا کي چئبو آهي ؟

     اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميراهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هن پُرفتن دور ۾ اسان کي پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻ جو ذهن ڏنو آهي، هرهڪ کي گھرجي ته اُخرَوي اِعتبار سان پنهنجي معمولاتِ زندگي تي غور ۽ فِڪر ڪري، پوءِ جيڪي ڪم اُن جي آخرت جي لاءِ نُقصان وارا ثابت ٿي سگھن ٿا، اُنهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪي ڪم اُخرَوي اِعتبار سان نَفعي بَخش نظر اچن انهن ۾ بهتري جي لاءِ اِقدامات ڪري۔ اِستِقامت سان پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ جون خُوب خُوب برڪتون حاصل ٿينديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو بُزرگانِ دِين نهايت اِستِقامت سان پنهنجي عملن جو مُحاسَبو ڪندا هئا ۽ ان کان ڪنهن صُورت به غفلت اِختيار نه ڪندا هئا، اچو! هن باري ۾ بزرگانِ دِين جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿيون: