Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

اچو! سڀ کان پهريان محاسَبَهءِ نفس جي برڪت تي هڪ حڪايت ٻڌون ٿيون:

اي نفس! الله کان ڊڄ!

بني اسرائيل جو هڪ شخص نهايت عبادت گذار هو. اهو رات جو الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف رهندو ۽ ڏينهن جو گھمي ڦري ڪجھ شيون ماڻهن کي وڪرو ڪندو هو. اهو اڪثر پنهنجي نفس جو محاسبو (يعني پنهنجي عملن جو جائزو وٺندي) ڪندي چوندو هو: ”اي نفس! الله کان ڊڄ.“ هڪ ڏينهن اهو معمول جي مطابق پنهنجي گھر کان روزي ڪمائڻ جي لاءِ نڪتو ۽ هلندي هلندي هڪ امير جي دروازي وٽ پهتو ۽ پنهنجون شيون وڪرو ڪرڻ جي لاءِ صدا لڳائي. امير جي گھرواري جڏهن ان حسين شخص کي پنهنجي دروازي جي ويجھو ڏٺو ته ان کي بهاني سان محل جي اندر سڏائي ورتو پوءِ ان کي چوڻ لڳي: اي واپاري! منهنجي دل تنهنجي طرف مائل ٿي چڪي آهي، مون وٽ گھڻو مال آهي ۽ بهترين لباس آهن، تون اِهو ڪم ڇڏي ڏي آئون توکي ريشمي لباس ۽ گھڻو مال ڏيندس. هي پيشڪش ٻڌي ڪري ان جو نفس ان عورت جي طرف مائل ٿيڻ لڳو، پر فورًا ان پنهنجي عادت جي مطابق (نفس کي مخاطب ڪندي) چيو: ”اي نفس! الله کان ڊڄ“ پوءِ ان عورت کي جواب ڏنو: ”مون کي پنهنجي ربّ جو خوف آهي.“ اها عورت چوڻ لڳي: ”تون منهنجي خواهش پوري ڪرڻ جي بغير هتان وڃي نه ٿو سگھين.“ ان شخص ٻيهر چيو: ”اي نفس! الله کان ڊڄ.“ ۽ نجات جي ترڪيب سوچڻ لڳو. آخرڪار ان عورت کي چيو: ”مونکي مهلت ڏي ته آئون ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري وٺان.“ اجازت ملڻ تي ان وُضُو ڪيو ۽ ڇت تي هليو ويو، ان ٻه رڪعتون ادا ڪرڻ کان بعد ڇت کان هيٺ نهاريو ته ان جي اونچائي تقريبًا ويھ (20) گز هئي. ان بي وسي وچان آسمان جي طرف ڏٺو ۽ عرض ڪرڻ لڳو: ”اي منهنجا ربّ! آئون وڏي عرصي کان تنهنجي عبادت ۾ مصروف آهيان، مون کي هن آفت کان نجات عطا فرماءِ.“هي چئي ڪري هن ڇت کان ٽپو ڏنو. الله پاڪ حضرت سَيدُنا جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو: ”وڃ منهنجي ٻانهي کي زمين تي ڪرڻ کان اڳ سنڀالي وٺ، ڇو جو ان منهنجي ناراضگي جي ڊپ سبب ٽپو ڏنو آهي. حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام جن نهايت تيزي سان اچي ڪري ان شخص کي سنڀالي ورتو ۽ زمين تي ويهاري ڇڏيو. هن آفت کان بچي هو خوشي خوشي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو۔ گھر پهتو ته ڏٺائين ته ان جا گھر وارا بک ۽ اُڃ جي شدت سان غمگين آهن، هو به