Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

۽ برڪت جون خواهش مند آهيون ۽ طرح طرح جي مصيبتن ۽ رِزق جي محرومين کان بچڻ چاهيون ٿيون ته اسان کي گُناهن جي مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، نيڪين سان تعلق ڳنڍڻو پوندو، هاڻي اسان آيت سڳوري ۾ به ٻڌو ته جيڪو الله پاڪ جي خوف جي ڪري گناهن کان بچي ان کي اهڙي مقام کان رزق ڏنو ويندو آهي جو جتي ان جو گمان به ناهي پهچندو۔ الله ڪري جو اسان گناهن کان بچڻ واريون بڻجي وڃون ۽ اسان جون معاشي پريشانيون دور ٿي وڃن۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نفس جو مُحاسَبو ۽ قرآن

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ شڪ ناهي ته گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين جي ڪثرت ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو استقامت سان پنهنجي عملن تي غوروفڪر ڪرڻ به آهي۔ جيڪا اسلامي ڀيڻ به هن بهترين عادت کي اپنائي وٺي ۽ روزانو پنهنجو محاسبو (Self accountability) ڪري ته ان جي گُفتار و ڪردار ۾ خود بخود نکار پيدا ٿيندو ويندو آهي، هو گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ لڳندي آهي، عملن جي باري ۾ غوروفڪر جي اَهمِّيت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته قرآن ۽ حديث ۾ باقاعده ان جي ترغيب ڏياري وئي آهي، جيئن ته سيپاري 28 سُوۡرَۃُ الۡحَشۡر جي آيت نمبر 18 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ لْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍۚ      

ترجمو ڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته هر ساھ سوچي ته سڀاڻي جي واسطي اڳتي هن ڇا موڪليو.

 هن آيت سڳوري ۾ فرمايو ويو آهي ته: پنهنجو محاسبو ڪري وٺو ان کان پهريان جو توهان جو محاسبو ڪيو وڃي ۽ غور ڪريو ته توهان قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ نيڪ عملن جو ڪيترو ذخيرو