Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

ڏينهن ۽ گناهن جو حساب

      حضرت سَيدُنا تَوبَه بِن صِمَّه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نفس جو محاسبو ڪندي هڪ ڏينهن حساب لڳايو ته سندن عمر 60 سال هئي، ڏينهن جو حساب ڪيائون ته ايڪيھ هزار پنج سو (21500) ڏينهن بڻيا۔ انهن هڪ رڙ ڪري فرمايائون: هاءِ افسوس! (جيڪڏهن مون روزانو هڪ گناھ به ڪيو هجي ته) مان حقيقي بادشاھ سان ايڪيھ هزار پنج سو (21500) گناهن سان ملاقات ڪندس ۽ جڏهن روزانو ڏھ هزار (10,000) گناھ هجن، ته ڪهڙي صورتِ حال ٿيندي، اهو سوچي سندن بيهوش ٿي ڪري پيا ۽ سندن جو اِنتقال ٿي ويو۔ ماڻهن ڪنهن چوڻ واري کي انهن جي باري ۾ چوندي ٻڌو: ”اي شخص! فردوسِ اعليٰ ڏانهن وڃ۔“

(احياء العلوم،ڪتاب المراقبۃ والمحاسبۃ، بيان حقيقۃ المحاسبۃ بعد العمل، ۵/۱۳۹)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهو ته سوچي به نٿو سگھجي ته حضرت سَيدُنا تَوبَه بِن صِمَّه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گناهن ۾ مبتلا هوندا، يقيناً انهن جي پاڪيزه زندگي گناهن کان گھڻو پري هوندي، پر هن حڪايت سان اسان پنهنجي حالت تي غور ڪريون۔ يقيناً اسان جي حالت اها آهي جو اسان ڏينهن ۾ هڪ نه سوين بلڪ ڱوڙ گناھ ڪنديون هونديون سين، ڇوته بدقسمتي سان هاڻي ته قدم قدم تي گناهن جا موقعا نظر ايندا آهن۔ پهريان تنهائي گناهن کان بچائي وٺندي هئي ، پر هاڻي موبائل جي صورت ۾ گناهن کان بچڻ واري تنهائي به ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي هوندي، سڄي ڏينهن ۾ ڪيل انهن گناهن کي پنهنجي زندگي جي ڏينهن کان ضرب ڏينديون سين ته نتيجو شايد لکن ۾ اچي، غور ڪريو! ايتري سارن گناهن سان گڏ اسان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪيئن پيش ٿينديون سين۔ ان ڪري اڃا به وقت آهي، هاڻي اسان هٿو هٿ پڪي سچي توبه ڪريون ۽ آئنده گناهن کان بچڻ جو پڪو اِرادو ڪريون ۽ اي ڪاش! جو هر ڏينهن سمهڻ کان پهريان سڄي ڏينهن جي عملن تي غوروفڪر ڪرڻ جي توفيق به نصيب ٿي وڃي۔

هن حڪايت مان هڪ ڳالھ اها به معلوم ٿي ته جيڪو پنهنجي عملن تي غوروفڪر ڪندي هن دنيا مان ويندو آهي، الله پاڪ ٻانهن ۾ اهو اعلان (Announcement) ڪرائيندو آهي ته هو جنت ۾ هليو ويو۔ لهٰذا اسان کي به نفس جي محاسبي يعني فڪرِ مدينه کي پنهنجو معمول بنائڻ گھرجي ۔