Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

جُتي پائڻ جون سُنتون ۽ آداب

          ٭ فرمان مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ ]1[ جتي ڪثرت سان استعمال ڪيو جو انسان کي جيستائين جوتي پاتل هوندي آهي ڄڻ اهو سوار آهي (يعني ٿڪاوٽ گھٽ ٿيندي) (مسلم ص 1161 حديث 2096) ٭ جُتي پائڻ کان پهرين ڇنڊي وٺو ته جيئن ڪو جيت يا پٿري وغيره هجي ته نڪري وڃي ٭ فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ آهي: جڏهن توهان مان ڪو جتي پائي ته ساڄي طرف کان ابتدا ڪري ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي طرف کان ابتدا ڪرڻ گھرجي ته جيئن ساڄو پير پائڻ ۾ پهرين ۽ لاهڻ وقت آخر ۾ رهي. (بخاري ج 4 ص 65 حديث 5855) ٭ عورت زنانو جوتو استعمال ڪري ٭ ڪنهن حضرت سيِّدتُنَا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي عرض ڪيو؛ هڪ عورت (مردن جيان) جوتا پائيندي آهي، انهن فرمايو؛ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرداڻي عورتن تي لعنت فرمائي آهي۔ (سنن ابي داؤد ج 4 ص 84 حديث 4099) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القوي بهار شريعت ج 3 صفحي 422 تي فرمائن ٿا: يعني عورتن کي مرداڻا جوتا نه پائڻ گهرجن۔ بلڪ اُهي تمام ڳالهيون جن ۾ مردن ۽ عورتن ۾ فرق واضع ٿيندو آهي انهن ۾ هر هڪ کي ٻين جي وضع قطع اختيار ڪرڻ (يعني نقل ڪرڻ) جي ممانعت آهي، نه مرد عورت جي وضع اختيار ڪري نه عورت مرد جي ٭ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ڇڏيو جو ان سان پيرن کي آرام ملندو ٭ (تنگدستي جو هڪ سبب هي به آهي ته) اونڌي جوتي کي ڏسڻ ۽ ان کي سڌو نه ڪرڻ۔ ”دولت بي زوال“ ۾ لکيل آهي ته سڄي رات جُتي اُبتي پيل رهي ته شيطان اچي اُن تي ويهندو آهي، هي هن جو تخت آهي۔ (سني بهشتي زيور،حصه ۵، ص۶۰۱)  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ