Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

اي عمر! الله کان ڊڄندو رهه!

      حضرت اَنَس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان هڪ باغ ۾ ويس ته اتي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو آواز ٻُڌو، اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ دِيوار رڪاوٽ هئي ۽ هو چئي رهيا هئا: عمر، خَطَّاب جو پٽ ۽ امير المومنين جو منصب! واه ڇا خوب! اي عمر! الله پاڪ کان ڊڄندو رھ نه ته الله پاڪ توکي سخت عذاب ڏيندو۔   (تاريخ الخلفاء، عمر بن الخطاب رضي الله عنه، فصل في نبذ من سيرته، ص۱۰۲)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ الله جي پياري حبيب، ڏکويل دلين جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا صحابي آهن، ۽ هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جي پاڇي کان شيطان ڀڄندو هو۔ (بخاري، ڪتاب فضائل اصحاب النبي،باب مناقب عمر بن الخطاب،۲/۵۲۶،حديث: ۳۶۸۳) جي ها! هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جو جن کي حضورنبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مُبارڪ زبان سان جنتي هئڻ جي خوشخبري ((Good News ڏني آهي۔ (بُخاري،۲/۵۲۵، حديث۳۶۷۹) هي اهي ئي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن جن جي باري ۾ الله جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اها دعا فرمائي آهي ته اي الله ڪريم! عُمر بن خطاب جي ذَرِيعي اِسلام کي عزّت عَطا فرماءِ ! (ابن ماجه، ڪتاب السنۃ، فضل عمر ، ۱/۷۷،حديث : ۱۰۵) v هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جي راءِ جي مطابق قرآنِ ڪريم جون آيتون نازل ٿيون۔    (تاريخ الخلفاء، ص۹۶، الصواعق المحرقۃ، ص۹۹)

ڪردارِ فاروقي تي عمل ڪريو!

   ايتري بلند وبالا شان ۽ شوڪت جي باوجود اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي عملن جو محاسبو ڪندي پاڻ کي نصيحتون ڪندا ها ته اي عمر الله کان ڊڄندو رھ۔ اي عمر الله کان ڊڄندو رھ۔ جڏهن انهن جي محاسبهءِ نفس جو اهو حال آهي ته اسان جيڪي گناهن ۾ غرق آهيون، اسان ڏينهن رات غفلتن ۾ زندگي گذاري رهيون آهيون، اسان جن وٽ نيڪيون نالي نه آهن، اسان کي پنهنجي نفس جو محاسبو ڪرڻ جي ڪيتري ضرورت هوندي؟۔ اچو! الله پاڪ جي هڪ نيڪ ٻانهي جو واقعو ٻڌون ٿيون ته هو پنهنجو محاسبو ڪهڙي نموني ڪندو هو۔