Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ اسلام جي بنيادي مقصدن مان آهي۔ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو هن مقصد کي وساريندو پيو وڃي، اصلاح جو هڪ بهترين ذريعو نفس جومُحاسَبو (يعني غوروفڪر) به آهي، اڄ اسان مُحاسَبَهءِ نفس جي اهميت ۽ ان جي فائدن بابت ٻڌنديون سين۔ بزرگن جي نفس جي محاسبي بابت ڪجھ واقعا به ٻڌنديون سين، اڄ جي دور ۾ اسان روزانو جي بنياد تي پنهنجي عملن جو جائزو ڪهڙي طرح ڪري سگھون ٿيون؟ هن باري ۾ به ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا۔ الله ڪري جو سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ