Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

دين جي لاءِ 92، طالبات جي لاءِ 83، مدني منن ۽ مدني منين جي لاءِ 40 ۽ خُصوصي (يعني گونگن ۽ ٻوڙن) اسلامي ڀائرن جي لاءِ 27 مدني انعامات عطا فرمايا آهن۔اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه مدني انعامات تي عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ ولايت جي دُعا ڪندي الله پاڪ جي بارگاھ عالي ۾ دُعا ڪن ٿا۔

مدني انعامات جي اهميت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ”مَدَني انعامات“ جو عظيم تحفو نه صرف اَسلاف رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ جي ياد ڏياري ٿو بلڪ اُنهن جي نقشِ قدم تي هلندي فِڪرِ مدينه ڪرڻ جو بهترين ذريعو پڻ آهي، مَدَني اِنعامات جي رسالي کي کولي هن ۾ ڏنل سُوالن جي جوابن مان خود ئي ”ها“ يا ”نه“ جي ذريعي پنهنجي عملن جي چڱي بُري هئڻ جو جائزو وٺندي پنهنجي غلَطين کي سُڌاري سگھون ٿيون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ بيشُمار اسلامي ڀائر، اسلامي ڀينرون ۽ شاگرد ۽ شاگردياڻيون روزانو ”فڪرِ مدينه“ ڪندي مَدَني اِنعامات جي رسالي ۾ ڏنل خانا ڀرينديون آهن، جنهن جي برڪت سان نيڪ بڻجڻ ۽ گُناهن کان بچڻ جي راھ ۾ حائل رُڪاوٽون الله پاڪ جي فَضل وڪرَم سان پري ٿينديون وينديون آهن ۽ سُنّت جي پابند بڻجڻ، گُناهن کان نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حِفاظت جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو ذهن به بڻجندو آهي۔ جيڪڏهن اوهان اهو رسالو خريد ڪري پاڻ وٽ رکنديون هر هر ڏسنديون رهنديون، فڪرِ مدينه ڪنديون رهنديون ته نه صرف آخرت جي ياد پيدا ٿيندي بلڪ نيڪ عمل ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو به ذهن بڻجندو۔ مدني انعامات جو اهو رسالو پاڻ کي نصيحت ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي۔ اسان جا بزرگ سڳورا پڻ پاڻ کي نصيحت جي لاءِ مختلف ترڪيبون استعمال ڪندا هئا،

پنهنجو احتساب ڪرڻ وارو بزرگ

          جيئن ته حضرتِ سيدُنا ابو مسلم خولاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ منقول آهي ته انهن پنهنجي مسجد ۾ هڪ چهبڪ لٽڪائي رکيو هو ۽ فرمائيندا ها: ”جانورن کان وڌيڪ مان ان جو حقدار آهيان۔“ جڏهن ڪجھ سُستي محسوس ڪندا ها ته پنهنجي ڀيڏي تي چهبڪ هڪ يا ٻه ڀيرا هڻندا ها  ۔    (الله والوں ڪي باتيں، ص۲/۲۰۳)  

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! حضرت سَيدُنا ابو مسلم خولاني