Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪثرت سان عبادت ڪندا ها، پر پوءِ به انهن سُستي کان بچڻ جي لاءِ مسجد ۾ چهبڪ يعني دُرو لٽڪائي رکيو هو۔ مدني انعامات جو رسالو جيڪڏهن اسان وٽ هوندو ته ان جي مطابق غور وفڪر ڪري اسان جي به سُستين جي ڪاٽ ٿيندي ۽ نيڪ عملن جي رغبت ٿيندي۔ يقين مڃو! مدني انعامات جا رسالا پنهنجي اصلاح جا بهترين نسخا آهن

تاجدارِ مدني انعامات حاجي زم زم رضا جو ڏهاڙو ۽ دِيني خدمتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان مدني انعامات تي عمل جي ترغيبات ٻڌي رهيون آهيون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي جيڪو مهينو (Month) هلي رهيو آهي يعني ذُوالقَعدةِ الحَرام ان کي محبوبِ عطار، تاجدارِ مدني انعامات، حاجي زم زم رضا عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان به نسبت آهي۔ هن مهيني جي 21 تاريخ تي مرحوم رڪنِ شورٰي تاجدارِ مدني انعامات حاجي زم زم عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ڏهاڙو آهي۔

مدني انعامات جي فروغ، ان تي عمل جي ترغيب ۾ حاجي زم زم عطاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون وڏيون خدمتون آهن۔ ڪيئي مدني انعامات اهڙا آهن، جيڪي شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ حاجي زم زم رضا عطاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي درخواست تي ترتيب ڏنا۔ (محبوبِ عطار ڪي 122حڪايات، ص۹۵)حاجي زم زم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ مدني انعامات جا وڏا عامل ۽ قُفلِ مدينه جا پيڪر (يعني فضوليات کان بچڻ وارا ۽ خاموشي تي ڪاربند) هئا۔ الله پاڪ اسان کي به حاجي زم زم عطاريرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نقشِ قدم تي هلندي مدني انعامات جو عامل ۽ قفلِ مدينه جو پيڪر بڻائي۔   اٰمين 

شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه حاجي زم زم عطاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ٽيجھي تي اِيصالِ ثواب جي موقعي تي اجتماع ۾ ان سان پنهنجي جن محبتن جو اظهار فرمايو، اچو! ان مان ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿيون: ٭ صحيح ڳالھ اها آهي ته مان حاجي زم زم رضا عطاري جي صحبت پسند ڪندو هئس۔ ان جي ڪري پنهنجي اندر بهتري محسوس ڪندو ۽ پنهنجي لاءِ اصلاح جو سامان ڪندو هئس۔ ٭ مون ڪڏهن به حاجي زم زم کي پنهنجي زندگي ۾ ٽهڪ ڏئي کلندي نه ڏٺو۔ ٽهڪ نه لڳائڻ سنت آهي، هن سنت تي هو سختي سان عامل