Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

نفس جي مُحاسَبي جي اهميت

ياد رکو! جهڙي طرح ڪاروبار سان تعلق رکڻ وارو ڪوبه شخص انهيءَ وقت ڪامياب تاجر بڻجي سگھجي ٿو جڏهن اهو پنهنجي خرچ ڪيل مال کان وڌيڪ نفعو ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ ان جو اصل سرمايو به محفوظ رهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهو پنهنجي ڪاروبار (Business) جي حساب ڪتاب کي روزانه، هفتيوار، ماهانا ۽ سالانه جي بنياد تي تقسيم ڪندو آهي، پوءِ ان تي مختلف طرفن کان نه صرف زباني غور و فڪر ڪندو آهي بلڪه ان کي تحريري طور محفوظ رکڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي ۽ جتي ڪنهن قسم جي خامي نظر اچي وڃي ان کي دُرُست به ڪندو آهي ۽ جيڪا شيءِ نفعي کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي نظر ايندي آهي ان کي پري ڪندو آهي. جيڪڏهن اهو پنهنجي ڪاروباري معاملن جو محاسبو نه ڪري ته اڪثر ڪري ان کي نفعو ملڻ ته پَري، ابتو نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ جيڪڏهن ان نقصان کان پوءِ به اهو غفلت نه ڇڏي ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو آهي جو ان جو اصل سرمايو به باقي نه رهندو آهي ۽ اهو روپئي روپئي جو محتاج ٿي ويندو آهي. بلڪل اهڙي طرح جيڪو شخص ”ڪاروبارِ آخرت“ ۾ نفعو ڪمائڻ جو خواهشمند هجي ان کي گھرجي ته پنهنجي ڪيل عملن تي غور ڪري. جيڪي عمل ان کي نفعو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، انهن کي مزيد بهتر ڪري ۽ جيڪي ڪم ان نفعي کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا هجن، انهن کي ڇڏي ڏي. جيڪو شخص اهڙي طرح پنهنجو حساب ڪتاب جاري رکندو، اهو الله پاڪ جي توفيق سان ڪاميابي ماڻيندو ۽ نفغي جي صورت ۾ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان کي جنت ۾ داخل ٿيڻ نصيب ٿيندو ۽ جيڪڏهن ايئن ڪرڻ جي بجاءِ ”خوابِ غفلت“ جو شڪار ٿي وڃي ته اهو خساري ۾ رهندو، جنهن جو نتيجو جهنم ۾ داخل ٿيڻ جي صورت ۾ سامهون اچي سگھي ٿو. (وَالْعِیاذُبِاللہ)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اميرِ اهلسنّت حضرت علّامه مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن آسان ۽ بهترين انداز ۾ غورو فڪر ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي جيڪا رهنمائي فرمائي آهي، اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پاڻ هن پُرفتن دور ۾ آساني سان نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي طريقي ڪار تي مشتمل شريعت ۽ طريقت جو جامع مجموعو ”مدني انعامات“ بصورت سوالات عطا فرمايو آهي. اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، طالبِ علمِ