Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

انهن سان گڏ ويهي رهيو۔ ٿوريء دير ۾ ان جو هڪ پاڙيسري آيو ۽ ان عابد کي چيائين ته ڪجھ مانيون ڏيو، عابد چيائين: الله جو قسم اسان وٽ ته کائڻ لاءِ ڪجھ به ناهي، تندور ڏسو ان ۾ به ڪجھ نه آهي۔ هو پاڙيسري تندور ڏانهن وڌيو ته ان کي ان ۾ پچيل مانيون نظر آيون۔ ان عابد کي هن ڳالھ جي خبر ڏني۔ جڏهن ان جي گھر وارن اهو معاملو ڏٺو ته انهن کي گھڻو تعجب ٿيو، ان عابد جي زال چوڻ لڳي: يقيناً هن ۾ اسان جو ڪجھ ڪمال ناهي بلڪ اهو سڀ تنهنجي برڪت ۽ ڪرامت جي ڪري آهي، ٻڌاء هن جو راز ڇا آهي؟ پوءِ ان عابد پنهنجو راز کوليو ۽ اهو مڪمل واقعو بيان ڪيائين جنهن جي برڪت سان ان تي اهي انعامات ٿيا ها۔ (دُرّۃُ الناصحین،المجلس التاسع والستون …الخ،ص۲۷۰ ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حڪايت مان حاصل ٿيل مدني گل

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته جيڪا پنهنجي عملن جو محاسبو ڪندي رهي يعني غوروفڪر ڪندي رهي ۽ پاڻ کي هر وقت الله پاڪ کان ڊيڄاريندي رهي ته اهو نيڪ عمل ان کي دنيا جي آٓزمائشن کان به بچائي وٺندو آهي ۽ آخرت ۾ به ان جي لاءِ فائدي جو سبب بڻجندو آهي۔

      ٻي ڳالھ اها به معلوم ٿي ته پنهنجو محاسبو ڪندو رهڻ جي عادت سان گناهن کان به بچي سگهجي ٿو۔ هاڻي اسان ٻڌو ته هو عابد جڏهن عورت جي دعوتِ گناھ ڏانهن مائل ٿيو ته پنهنجو مُحاسبو ڪرڻ جي عادت ڪري هڪدم ان جي واتان اهو جُملو نڪتو: ”اي نَفس! الله کان ڊڄ!“ ۽ پوءِ ان تي خوفِ خُدا اهڙو غالب ٿيو جو هو گناھ کان بچي ويو۔

ٽئين ڳالھ اها به معلوم ٿي ته مُشڪل وقت ۾ نيڪيون هميشه ڪم اينديون آهن، بلڪ نيڪين جي برڪت سان مشڪل وقت ۾ به الله پاڪ جي مدد شامل ٿيندي آهي، جڏهن ان نيڪ شخص گُناھ کان ڇوٽڪاري جي لاءِ ڇت (Roof) تان ٽپو ڏنو ته مَدَدِ اِلٰهي جي ڪري جاني هلاڪت ۽ جسماني مُصِيبت کان محفوظ رهيو۔ يقيناً اهو ان جي نيڪين جي برڪت ئي هئي جو مددِ الٰهي ان سان گڏ