Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

شامل ٿي۔ هتي اها ڳالھ ذهن نشين رهي ته اسان جي شريعت ۾ پنهنجو پاڻ کي هلاڪت ۾ وجھڻ جي اجازت نه آهي۔ بهرحال اسان کي گھرجي ته پنهنجي عملن جو محاسبو ڪندي پاڻ کي گناهن کان بچايون ۽ ڪثرت سان نيڪ عمل ڪريون۔

رزق ۾ برڪت جو هڪ ذريعو!

      چوٿين ڳالھ اها به معلوم ٿي ته جيڪو الله پاڪ جي خوف جي ڪري گناهن کان بچي، ته ربِّ رحمٰن ان کي اهڙي هنڌن تان رزق عطا فرمائيندو آهي جو جنهن ڏانهن گمان به ناهي ويندو۔ قرآنِ پاڪ ۾ به انهيء ڳالھ کي بيان ڪيو ويو آهي، جيئن سيپاري 28 سُورهءِ طلاق آيت2،3 ۾ اِرشاد آهي:

وَ مَنْ یَّتَّقِ اللّٰهَ یَجْعَلْ لَّهٗ مَخْرَجًاۙ(۲) وَّ یَرْزُقْهُ مِنْ حَیْثُ لَا یَحْتَسِبُؕ   (پ ۲۸، الطلاق:۲-۳)          

ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ جيڪو الله کان ڊڄي الله ان جي واسطي ڇوٽڪاري جي واٽ ڪڍي ڏيندو ۽ ان کي اتان روزي ڏيندو جتان ان جو گمان به نه هجي

      تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت آهي ته الله کان ڊڄڻ واري کي هن مقام تي هڪ بشارت ڏني پئي وڃي ته الله ان کي اتان کان روزي ڏيندو جتان ان جو گمان به نه هوندو۔         (صراط الجنان، ۱۰/۲۰۲)

معاشي پريشانيون، آخر ڇو  ؟

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته خوفِ خدا جي ڪري گناهن کي ڇڏي ڏيڻ رزق ۾ برڪت جو سبب ٿيندو آهي، جيڪو به خوفِ خدا جي ڪري ڪنهن گناھ کان پاسو ڪري ته الله پاڪ اُن کي اهڙن سببن جي ذريعي رِزق عطا ڪندو آهي جو جن ڏانهن خيال به ناهي ويندو۔ اڄ اسان ڏسون ٿيون ته هڪ تعداد آهي جيڪو رزق روزي ۽ ٻين معاشي پريشانين ۾ مبتلا نظر ايندو آهي، ڪنهن جي گھر جا خرچ پورا نه پيا ٿين ته ڪي هزارين ڪمائي به ڪجھ بچائي ناهن سگھندا۔ ڪنهن کي ڪاروبار ۾ رڪاوٽ نظر ايندي آهي ته ڪنهن جو دڪان (Shop) ٺيڪ طرح سان نه پيو هلي، ڪوئي بي روزگار آهي ته ڪوئي قرضن جو شڪار آهي، اَلغَرَض! اسان جي معاشري ۾ تنگدستي، فقر ۽ فاقه ڪشي ۽ رِزق ۾ بي برڪتي بابت دانهون ڪرڻ وارا ۽ ڪرڻ واريون گھڻيون آهن، غور ڪريو ته ڪٿي ان جو سبب هي ته ناهي جو اسان گناھ ڪندي ڊڄون نٿيون؟ مصيبتن ۽ رِزق ۾ بي برڪتين جو سبب ڪٿي اسان