Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

پنهنجي اصلاح جو نسخو

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

سَعَادَةُ الدَّارَين ۾ آهي ته هڪ شخص دَرٻارِ رسالت ۾ حاضِر ٿي فقر ۽ فاقي ۽ رِزق ۾ تنگي جي شِڪايت ڪئي ته قاسمِ نعمت، نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو ته جڏهن توهان پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيو ته سلام ڪيو، چاهي گھر ۾ ڪو هجي يا نه هجي، پوءِ مون تي سَلام موڪليو ۽ هڪ ڀيرو سوره اِخلاص پڙھي وٺو۔ ان شخص ائين ئي ڪيو ته الله پاڪ ان تي رِزق ڪشادو ڪيو ايستائين جو ان جي پاڙيسرين ۽ رِشتيدارن کي به ان رِزق مان حصّو مليو۔ (سعادۃ الدارین،الباب الثانی فیما ورد فی فضل الصلاۃ والتسلیم …الخ، حرف الجیم، ص۸۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.