Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

جي جَلِيلُ القَدر ۽ اُولُوالعَـزم (حوصلي واري) نبي حضرت سَيدُنا نوح عَلَيۡهِ السَّلَام جا شهزادا آهن، اهو اُنهن ڪجھ خُوش نصيبن ۾ شامل هو جن حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام تي ايمان آندو هو ۽ مقرّبِ الٰهي هئڻ جي باوُجود سندن جو حال اهو هو  جو قيامت اچڻ جي خوف سندن جا سمورا وار سفيد ڪري ڇڏيا۔ انهن کي اهڙو خوف ٿيو جو انهن جا سمورا وار سفيد ٿي ويا۔ اسان کي پاڻ تي غور ڪرڻ گھرجي ته ڇا اسان قيامت کان ڊڄون ٿيون؟

قيامت ڇا آهي؟

      يقيناً مسلمان هجڻ جي ناطي اسان جو اهو عقيدو آهي ته قيامت برحق آهي۔ قيامت ڇا کي چئبو آهي؟ اچو! ٻڌو: الله پاڪ هر هڪ کي نيڪين جي جزا ۽ گناهن جي سزا ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن مقرر فرمايو آهي ان ڏينهن جو نالو ”قيامت“ آهي، ان کي آخرت ۽ يومِ حساب به چوندا آهن۔ قيامت ان وقت قائم ٿيندي جو جڏهن رُوءِ زمين تي الله پاڪ جو نالو وٺڻ وارو ڪو به انسان نه رهندو۔ (مسلم،ڪتاب الايمان،باب ذهاب الايمان آخر الزمان،ص۸۰،حديث:۳۷۵) تڏهن الله پاڪ جي حڪم سان حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام صُور ڦوڪيندو جنهن کي ٻڌي ماڻهو بيهوش ٿي ويندا ۽ پوءِ مري ويندا۔ زمين ۽ آسمان، ملائڪ ۽ جن، تمام جهان وارا مري ويندا ايستائين جو صُور ۽ حضرتِ اِسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي به موت ايندو۔

      پوءِ جڏهن الله پاڪ چاهيندو، حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي زندھ ڪندو ۽ صُور کي پيدا ڪري ان کي ٻيهر ڦوڪڻ جو حڪم ڏيندو۔ صُور ڦوڪيندي ئي وري تمام ماڻهو، ملائڪ، جن ۽ سڀئي حيوان ٻيهر زندھ ٿي اٿندا۔ (شعب الايمان، باب في حشر الناس بعد ما يبعثون من قبورهم ،فصل في صفة يوم القيامة ،۱/۳۱۲،حديث:۳۵۳ملتقطاً) مُردا قبرن مان اٿندا ۽ ميدانِ محشر ڏانهن هڪليا ويندا۔ (بخاري،ڪتاب احاديث الانبياء ،باب قول الله تعالي :وتخذالله ۔۔۔الخ ،۲/۴۲۰،حديث:۳۳۴۹ملخصاً) اتي هر هڪ کي پنهنجن عملن جو حساب ڏيڻو پوندو۔ (پ۱۳،ابراهيم:۴۸) ان کي قيامت چوندا آهن۔

ڇا اسان قيامت کان ڊڄون ٿيون؟

      اڄ اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اسان قيامت کان ڪيترو ڊڄون ٿيون؟ اڄ اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اسان قيامت کان ڪيترو خوف ڪيون