Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

ڪنڊيدار ٽاري آهي ۽ آسمان، زمين سان ملي ويو آهي ۽ مان انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهيان۔ (المستدرڪ،ڪتاب معرفة الصحابة، باب وصف الموت في حالة النزع،۵/۵۶۹،حديث۵۹۶۹)

موت ائين جيئن زنده جھرڪي کي ڀُڃڻ

      منقول آهي ته حضرتِ سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کان الله ڪريم پڇيو ته موت کي ڪيئن محسوس ڪيو ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جواب ڏنائون: موت ان جھرڪي جيان آهي جنهن کي زندھ ڪڙهائي(تئي) ۾ ڀڃيو وڃي، هاڻي نه ته اها مري جو راحت ماڻي ۽ نه نجات ماڻي جو اڏامي وڃي۔ (احياء علوم الدين،ڪتاب الذڪروالموت ومابعدھا،باب ثالث في سڪرات الموت۔۔۔ الخ ، ۵/۲۱۰)

موت جي شِدّت

          هڪ بُزرگ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ اچي ٿو ته اهو بيمارن جي تمام گھڻي عِيادَت ڪندو ۽ پڇا ڪندو هو ته: توهان موت کي ڪيئن محسوس ڪيو؟ جڏهن سندن جو آخري وَقت آيو ته ڪنهن پڇا ڪئي: اوهان موت کي ڪيئن محسوس ڪيو ٿا؟ فرمايائون: ڄڻ آسمانن کي زمين سان ملايو ويو آهي ۽ منهنجو رُوح سُئي جي سُوراخ مان نڪري رهيو آهي۔ (احياء العلوم، ۵/۵۱۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان موت جي سختين جي باري ۾ ٻُڌي رهيون هيون سين، يقيناً گناهن جي وڌندڙ سيلاب ۽ بُري صحبتن اسان کي فڪرِ آخرت ۽ فڪرِ موت کان گھڻو پري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان جي بزرگن جو اهو طريقو هو جو اهي پاڪيزه ماڻهو ڪثرت سان موت کي ياد ڪندا هئا، اسان کي به موت کي ياد ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي۔ ڪجھ بزرگن جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته جڏهن انهن جي سامهون موت ۽ قبر ۽ آخرت جي ڳالھ ڪئي ويندي هئي ته انهن جي حالت خوف سبب غير ٿي ويندي هئي، ڪنهن جو جسم سُن ٿي ويندو هو ته ڪنهن جا ڳوڙها نه بيهندا هئا، ڪو روڄ راڙي ۾ مصروف ٿي ويندو هو ته ڪو خوف سبب بيقرار ٿي ويندو هو۔