Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

وَ جَآءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْحَقِّؕ-ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَحِیْدُ(۱۹) (پ۲۶،ق:۱۹)                                                              

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ آئي موت جي سختي حق سان گڏ هي آهي جنهن کان تون ڀڄندو هُئين

موت جي تڪليف مُردو ئي ڄاڻي ٿو

هن آيتِ سڳوري جي تفسير ۾ مُبلّغِ اسلام، حضرت علّامه شُعيب حَرِيفِيش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمائن ٿا: مٿي جي اکين سان موت کي ڏسڻ ۽ مَلَڪ المَوت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو مُشاهدو ڪرڻ ۽ ان وقت دل ۾ پيدا ٿيڻ واري خوف ۽ گھبراهٽ کي برداشت ڪرڻ هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن جي حقيقت بيان ڪرڻ سان هر بيان ڪرڻ واري جي عِبارَت قاصِر آهي ۽ ان جي هولناڪي جو اِحاطو ڪرڻ سان هر وَضاحت ڪرڻ وارو عاجِز آهي۔ ان جي حقيقت ان کي ئي خبر آهي جيڪو هن مَرحَلي مان گُذري چڪو هجي۔ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں، ص۱۸۳)

سڪرات جي شدّت ۽ فرامينِ مُصطفيٰ:

 سڪرات جي وقت ايندڙ تڪليف کي مٺي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي هنڌن تي بيان فرمايو آهي، اچو! هن باري ۾ ڪجھ فرمانِ مصطفيٰ ٻڌون ٿيون:

1۔ حضرت سيدُنا حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته رحمت عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ موت جي تڪليفن ۽ ان جي نڙي ۾ اٽڪڻ جو ذِڪر ڪندي فرمايائون: اها تڪليف تلوار جي ٽي سو (300) وَارن جي برابر آهي۔ (موسوعة الامام ابن ابی الدنیا، کتاب ذکر الموت، باب الخوف من الله، ۵/ ۴۵۳، حدیث:۱۹۲)

2۔ بارگاھ رِسالت ۾ موت ۽ ان جي سختي جي باري ۾ سُوال ڪيو ويو ته ارشاد فرمايائون: آسان ترين موت هڪ ڪنڊيدار ٽاريءَ جيان آهي جيڪا ڪپھ ۾ ڦاٿل هجي، پوءِ جڏهن به ان کي ڪپھ مان ڪڍيو ويندو ان سان گڏ ڪپھ ضرور ايندو۔ (موسوعة الامام ابن ابی الدنیا، کتاب ذکر الموت، باب الخوف من الله، ۵/ ۴۵۳، حدیث:۱۹۴)

3۔ ٻنهي جهانن جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ مَريض جي عِيادت ڪئي، پوءِ