Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

اِرشاد فرمايائون: مون کي خبر آهي ته هن تي ڇا گُذري رهيو آهي، ان جي ڪابه رَڳ اهڙي نه آهي جنهن تي الڳ الڳ موت جي تڪليف جو اَثر نه ٿي رهيو هجي۔ (مسند البزار، مسند سلمان الفارسی، ۶/ ۴۸۰، حدیث:۲۵۱۲)

4۔ آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪڏهن مُردي جو هڪ وار به زمين ۽ آسمان وارن تي رکيو وڃي ته سڀ جا سڀ الله پاڪ جي حڪم سان مَري وڃن ڇوته هر وار ۾ موت هوندو آهي ۽ جنهن شيء تي به موت پئجي وڃي اها به مري ويندي آهي۔ (موسوعة الامام ابن ابی الدنیا، کتاب ذکر الموت، باب الخوف من الله، ۵/ ۴۵۲، حدیث:۱۹۰)

5۔ هڪ ٻي هنڌ تي فرمايائون: مُعَالَجَۃُ مَلَکِ الْمَوْتِ اَشَدُّ مِنْ اَلْفِ ضربۃٍ بِالسَّیْفِ  ”يعني موت جو هر جھٽڪو تلوار جي هزار وار کان سَخت تَر آهي“۔ (ڪنزالعمال، ڪتاب الموت، باب الثاني، ۱۵/۲۴۰،حديث ۴۲۱۸۳)

عَطاکرعافیّت تُونَزع و قَبْر و حَشْر میں یارَبّ           وَسیلہ فاطمہ زَہرا کا کر لُطف و کرم مَولیٰ

(وسائلِ بخشش مرمم، ص ۹۸)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

موت جون تڪليفون ۽ اسان جو نازڪ مزاج

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٿورو غور ڪريو! هنن حديث سڳورين ۾ روح نڪرڻ وقت جي تڪليف ۽ شدت کي جهڙي طرح بيان ڪيو ويو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مرڻ واري شديد تڪليف ۽ درد ۾ مبتلا هوندي آهي۔ اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اسان ته تمام گھڻيون نازڪ مزاج آهيون، اسان اهو سڀ ڪيئن برادشت ڪنديون سين؟ اسان جو حال ته اهو آهي جو مڇر جو ڏنگ به اسان کان برداشت ناهي ٿيندو، اسان جو حال ته اهو آهي جو معمولي تڪليف ٿئي، ته اسان سڄي گهر جون ننڊون ڦٽائي ڇڏينديون آهيون، اسان جو حال ته اهو آهي جو اسان کي نزلو ۽ زڪام به ٿي وڃي ته اسان کان برداشت ناهي ٿيندو، اسان جو حال ته اهو آهي جو پير مڙي پوي ته دانهون ڪنديون آهيون، اسان جو حال ته اهو آهي جو مٿي ۾ سور ٿئي ته اسان ان تي بي صبري جو مظاهرو ڪندي ڄڻ ته سڀني جي مٿي ۾ سور ڪنديون آهيون،