Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

ٿيون؟ اڄ اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته قيامت جو ڪيترو ڊپ اسان جي دلين ۾ آهي؟ اڄ اسان جي لاپرواهين ۽ غفلتن جو سلسلو وڌندو پيو وڃي، ظاهري طور ائين لڳي ٿو جيئن قيامت جو ڊپ، جهنم جي عذاب جو ڊپ، پُل صراط جو ڊپ، ميدانِ محشر جي هولناڪين جو ڊپ، حساب ڪتاب جو ڊپ، قبر جي عذاب جو ڊپ ۽ موت جو ڊپ اسان جي دلين مان نڪرندو پيو وڃي۔

      غور ته ڪريو ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي ڪا نماز قضا ٿي سگھي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا فرض روزا رکڻ ۾ سُستي ٿي سگھي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان زڪوٰة ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪيون ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا ٻين جون غيبتون ڪيون ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي زبان ڪوڙ ڳالهائي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا هٿ حرام ڏانهن وڌن ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جون اکيون حرام ڏانهن کڄن ها؟٭جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا پير حرام ڏانهن اڳتي وڌن ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا ڪن حرام ٻڌڻ ۾ مشغول ٿين ها؟ ٭جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي زبان حرام سان آلوده ٿئي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا حرام ڪمائي اسان جي گھر ۾ داخل ٿئي ها؟ ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻون ها؟ مطلب ته! ٭ جيڪڏهن قيامت جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا گناهن ۾ اسان جي دل لڳي ها يا اسان نيڪيون ڪرڻ واريون بڻجون ها؟ يقيناً جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته قيامت جو خوف اسان جي دلين مان نڪرندو پيو وڃي۔

اي ڪاش! جو اسان جي عبرت ڀري نگاھ جاڳي پوي ۽ اسان موت کان ڊڄڻ واريون بڻجي وڃون، اي ڪاش! اسان قبر کان ڊڄڻ واريون بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان ميدانِ محشر جي گرمي ۽ ان جي هولناڪين کان ڊڄڻ واريون بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان حساب ڪتاب جي سختي کان ڊڄڻ واريون بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان پُل صراط تان گذرڻ کي ياد ڪندي ڊڄڻ واريون