Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

کان توبه ڪئي وڃي ته الله پاڪ پنهنجو حق مُعاف فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ توبه ڪرڻ واري کي آخرت جي عذاب کان نَجات ڏئي ڇڏيندو آهي۔ (صراط الجنان،۲/ ۴۳۰)

مجھے سچی تَوبہ کی تَوفیق دیدے

پئے تاجدارِ حَرَم یاالٰہی!

(وسائل ِبخشش مُرمّم،ص۱۱۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بزرگن جا موت بابت ٻڌايل احوال

            پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان موت جي تڪليف ۽ ان جي ذائقي جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين، هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته مرڻ مهل مُردي کي جيڪا تڪليف ٿيندي آهي، ان کي لَفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي، پر ڪجھ بُزرگ سڳورن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اَجمَعِين پنهنجي وفات جي وقتن ۾ اسان کي سمجھائڻ ۽ موت جي سختين جو اِحساس ڏيارڻ جي لاءِ ان کي مثالن جي ذَريعي بيان ڪيو آهي۔ اچو! انهيء بابت ڪجھ روايتون ٻڌون ٿيون؛ 

مرڻ واري تي تعجُّب

حضرت سيدُنا عبدُالله بن عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا ته منهنجا والدِ مُحترم حضرت عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائيندا هئا: ”مون کي مرڻ واري انسان تي تعجُّب ٿيندو آهي جو عقل ۽ زبان هئڻ جي باوُجُود هو ڇو نٿو موت ۽ ان جي ڪيفيت کي بيان ڪري۔“ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته جڏهن منهنجي والدِ محترم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وصال جو وقت ويجھو آيو ته مون عرض ڪيو: ”اي بابا سائين (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ)! اوهان ته هيئن هيئن فرمائيندا هئا۔“ ته اُنهن ارشاد فرمايو: ”اي منهنجا پٽ! موت ان کان وڌيڪ سَخت آهي جو ان کي بيان ڪيو وڃي، وري به مان ڪجھ ٻڌايان ٿو۔ الله پاڪ جو قسم! ڄڻ منهنجي ڪلهن تي رَضۡوٰي (هڪ مشهور جبل) ۽ تِهامه جا جبل رکيا ويا آهن ۽ ڄڻ منهنجو رُوح سُئي جي سوراخ مان ڪڍيو پيو وڃي، ڄڻ منهنجي پيٽ ۾ هڪ