Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

موت جي تڪليف ۽  سختي

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                 وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                                 وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي 271 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”آبِ ڪوثر“ جي صفحي نمبر 201، 202 تي جيڪا درود شريف جي فضيلت لکيل آهي، سا ٻڌو ۽ ڪثرت سان درود پڙهڻ جي سچي نيت ڪريو۔ جيئن لکيل آهي ته هڪ مريض سڪرات جي حالت ۾ هو (يعني ان جو روح جسم مان نڪرڻ ئي وارو هو)، سندس دوست حال احوال پڇڻ آيو ۽ ڏسي پڇا ڪيائين! اي دوست، ساھ نڪرڻ وقت ڪيتري تڪليف ٿيندي آهي؟ جواب ڏنائين: مون کي ڪا تڪليف محسوس نه پئي ٿئي، ڇوته مون عالمن سڳورن کان ٻڌو آهي ته جيڪو شخص حبيبِ خدا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪري، ان کي الله پاڪ موت جي تڪليف کان امن ڏيندو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)