Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

موت کان پهريان سچي توبه ڪريو

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٭ هن کان پهريان جو اسان به سڪرات جي دَردناڪ ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃون، ٭ هن کان پهريان جو روح نڪرڻ جي تڪليف سان اسان جو جسم به مفلوج ٿي وڃي، ٭ هن کان پهريان جو اسان کي به موت جا ملائڪ گھيري وٺن، ٭ هن کان پهريان جو موت جو وقت اچي پهچي ۽ توبه جو دروازو بند ٿي وڃي، ٭ هن کان پهريان جو حسرت ۽ ندامت اسان کي گهيري وٺي، اسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي موت اچڻ کان پهريان پهريان الله پاڪ کان پنهنجي گناهن جي معافي گھرڻ گھرجي۔ اي ڪاش! اسان هر رات کي پنهنجي زِندگي جي آخري رات تصور ڪريون، هر رات سمهڻ کان پهريان پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪري سمهون، اي ڪاش! صَلٰوة التَّوبَه واري مدني انعام تي عمل جي سعادت ملندي رهي،

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!گناھ انسان کان ئي ٿيندا آهن پر گناهن تي ڄمي وڃڻ، انهن تي اِصرار ڪندو رهڻ ۽ توبه کان پاسو ڪرڻ تمام وڏي بي وقوفي آهي، مؤمن ٻانهي جو شان اهو آهي جو جيڪڏهن ان کان ڪو گناھ سَرزَد ٿي وڃي ته يڪدم توبه ڪندو آهي، ٻيهر گناھ ٿي وڃي ته اهو وري توبه ڪندو آهي، وري گناھ ٿي وڃي ته وري اهو توبه ڪندو آهي، مطلب ته بار بار توبه ڪرڻ ايمان جي تقاضن مان هڪ تقاضا آهي۔ الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ڪيئي هنڌن تي توبه ڪرڻ ۽ پنهنجن گناهن کان معافي گھرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪندا آهن الله پاڪ انهن کان ڏاڍو خُوش ٿيندو آهي ۽ انهن تي پنهنجو خُصُوصِي فَضل ۽ ڪرم به ڪندو آهي۔ جيئن سيپاري 6 سُوْرَة الْمائِده جي آيت نمبر 39 ۾ اِرشاد آهي:

فَمَنْ تَابَ مِنْۢ بَعْدِ ظُلْمِهٖ وَ اَصْلَحَ فَاِنَّ اللّٰهَ یَتُوْبُ عَلَیْهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ(۳۹)          

ترجمو ڪنزالايمان: سو جيڪو پنهنجي ظلم کانپوءِ توبه ڪري ۽ پاڻ سُڌرِي وڃي ته الله پنهنجِي مهر (مهرباني) سان رجُوع فرمائِيندو. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.

تفسير’’صِراطُ الجِنان‘‘ ۾ هن آيت سڳوري جي حوالي سان لکيل آهي ته توبه نِهايت نَفيس شيء آهي، ڪيترو ئي وڏو گُناھ ڇونه هجي، جيڪڏهن ان