Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

نِڇ ڏيڻ جون سنتون ۽ آداب

پياريو پياريون اسلامي ڀينرون!اچو!شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علّامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه  جي رسالي ”101مدني گل“ مان نڇ ( يعني ڇڪ) ڏيڻ جون چند سنتون ۽ آداب ٻڌئون ٿيون:

پهريان ٻه فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪيو: ٭ الله عَزَّوَجَلَّ کي نِڇ پسند آهي ۽ اوٻاسي پسند ناهي۔ ( بخاری،۴/۱۶۳،حدیث:۶۲۲۶) ٭ جڏهن ڪنهن کي نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُلِلّٰہِ چوي ته ملائڪ رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ چوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهو رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ چوندو آهي ته ملائڪ چوندا آهن: اللهعَزَّوَجَلَّ تو تي رحم فرمائي۔ (معجم کبیر،۱۱/۳۵۸،حدیث:۱۲۲۸۴) ٭ نڇ جي وقت مٿو جهڪايو، منهن لڪايو، ۽ آواز آهستي ڪڍو، نِڇ جو آواز بلند ڪرڻ بيوقوفي آهي۔ ( رَدُّالْمُحتار،۹/۶۸۴ ) ٭ نِڇ اچڻ وقت اَلْحَمْدُلِلّٰہ چوڻ گهرجي۔ (خزائن العرفان صفحي 3 تي طحطاوي جي حوالي سان نڇ اچڻ تي حمد الـٰهي کي سنتِ مؤَڪده لکيو آهي) بهتر اهو آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ يا اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي جيڪو ٻڌي ان تي واجب آهي ته فورًا يَرْحَمُکَ الله (يعني اللهعَزَّوَجَلَّ توتي رحم فرمائي) چوي ۽ ايتري آواز سان چوي جو جنهن کي نڇ اچي اهو پاڻ ٻڌي۔ ( بہارِشريعت،حصّہ۱۶،/۱۱۹) ٭ جواب ٻڌي نڇ ڏيڻ واري چوي: ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَ لَکُمْ(يعني الله عَزَّوَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي بخشش فرمائي) يا هي چوي: ” یَھْدِیْکُمُ اللهُ وَ یُصْلِحُ بَالَکُمْ (يعني الله عَزَّوَجَلَّ توهان کي هدايت ڏي ۽ توهان جو حال صحيح ڪري) (فتاویٰ ہندیۃ،۵/۳۲۶)  ٭ جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ۽ پنهنجي زبان سڀني ڏندن تي ڦيري ڇڏي ته انشآءالله عَزَّوَجَلَّ ڏندن جي بيمارين کان محفوظ رهندو۔ ( مرآۃ المناجیح،۶/۳۹۶ ) 

 ٭ حضرت مولاءِ ڪائنات، علي المرتضيٰ کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجۡھَهُ الۡکَرِیۡم فرمائن ٿا: جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ته اُهو ڏاٺ ۽ ڪن جي بيماري