Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!! غور ڪريو! جن بزرگانِ دِين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جا واقعا اسان ٻڌا، هي اهي عظيم هستيون هيون جن جا ڏينهن رات گناهن کان بچندي الله پاڪ جي عبادت ۾ گذرندا هئا، هي اهي عظيم هستيون هيون جن جي زبان فضول گوئي کان بچندي الله پاڪ جو ذِڪر ڪندي هئي، هي اهي عظيم هستيون هيون جن جون اکيون الله پاڪ جي خوف سبب جھڪيل رهنديون هيون، جڏهن ته اسان جو حال ان جي بلڪل ابتڙ آهي، اسان ته کلي کلي گناھ ڪري رهيون هونديون آهيون ۽ ندامت ۽ شرمندگي به ناهي ٿيندي، اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان جي دِل جي سختي ڪيتري قدر وڌي چڪي آهي جو موت جو تذڪرو سٺو ناهي لڳندو، ڪو موت ۽ آخرت جي تياري جي ڳالھ ڪري ته دل بيزار ٿيڻ لڳندي آهي، ذهن ڪا نصيحت جي ڳالھ قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ٿيندو، اي ڪاش! اسان به پنهنجي بزرگن جيان موت ۽ قبر جي خوف سبب بيقرار رهڻ واريون بڻجي وڃون۔ هن  ڳالھ  ۾  ڪو شڪ ناهي ته موت جون سختيون بي پناھ آهن، پر ان وَقت جيڪڏهن ڪرم ٿي وڃي ۽ پياري آقا، حبيبِ ڪبريا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جَلوه گري ٿي وڃي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَوت جون سموريون سَختِيون آسان ٿي وينديون، حضرت علامه مُفتي اَحمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مِرآة المناجيح ۾ لکن ٿا: ”عالم سڳورا فرمائن ٿا ته هاڻي به حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي خاص خادمن کي انهن جي مرڻ وقت ڪلِمو پڙھائڻ جي لاءِ تَشرِيف فرما ٿيندا آهن، اهڙا ماڻهو به ڏٺا ويا آهن جن مرڻ وقت حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تَشرِيف آوري جي خبر ان وقت موجود ماڻهن کي ڏني، پاڻ سڪرات جي حالت ۾ هنڌ تان اٿي بيهي رهيا، ويٺلن کي چيائون، تَعظيم ڪيو، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا آهن۔“ (مرآة المناجيح ، ۲/۴۲۶) ڪاش اسان تي به ڪرم ٿي وڃي ۽ مرڻ وَقت مُصطفيٰ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جلوي جي جھلڪ نصيب ٿي وڃي۔

   صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽