Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

موت جي تڪليف

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي 649 صفحن تي مُشتمل ڪتاب ”حڪايتيں اور نصيحتيں“ جي صفحي 553 تي آهي: (هڪ ڀيرو الله پاڪ جا نبي) حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام، حضرتِ سيدُنا نوح عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي پٽ حضرتِ سيدُنا سام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قَبر وٽان لنگھيا ته بني اِسرائيل عَرض ڪيو: ”اي رُوحُ الله! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھرو ته هو هن قَبر واري کي زِندھ ڪري ته جيئن اسان هن کان موت جو تَذڪرو ٻڌون۔“ پوءِ حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ان قَبر جي ويجھو ٻه رَڪعتون نماز اَدا ڪرڻ کان پوءِ الله پاڪ کان حضرتِ سام بن نوح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي زِندھ ڪرڻ جي دُعا گھري ته الله پاڪ اُن کي زِندھ فرمائي ڇڏيو۔ اهو