Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat

مٿي تان مٽي ڇنڊيندي بيهي رهيو، ان جي مٿي ۽ ڏاڙھي جا وار اڇا هئا۔ حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام  ان کان پڇيو: هي  وارن جي اڇاڻ ته تنهنجي زَماني ۾ نه هئي؟ اُنهن فرمايو: يا رُوحَ الله! مان آواز ٻڌي سمجھيس ته قِيامت قائم ٿي چڪي آهي، ان جي خوف سبب منهنجي مٿي ۽ ڏاڙھي جا وار اڇا ٿي ويا۔ حضرتِ سيدنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پڇا ڪئي: توهان جي اِنتقال کي ڪيترو عَرصو گذري چڪو آهي؟ اُنهن ٻڌايو: منهنجي انتقال کي چار هزار(4000) سال گذري چڪا آهن، پر اڃان تائين موت جي سختي ۽ تڪليف مون کان ختم ناهي ٿي۔ (حڪايتيں اورنصيحتيں ۵۵۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته موت جو ذائقو ڏاڍو تلخ  هوندو آهي، ان جي سختي ڏاڍي تيز هوندي آهي۔ ٿورو غور ته ڪريو  جڏهن 4 هزار سال گذرڻ جي باوجود  به موت جي سختي ختم ناهي ٿي ته جنهن وقت موت ايندو، ان وقت جيڪا موت جي تڪليف ۽ سختي محسوس ٿيندي ان جو حال ڪهڙو هوندو ۽ ان ۾ ڪيتري شدّت هوندي؟

  ٻي ڳالھ اها به ٻڌو ته هن روايت ۾ آهي ته حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام حضرت سام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيائون ته ان جا وار ڪيئن سفيد ٿي ويا جڏهن ته ان جي دور ۾ وار اڇا نه ٿيندا هئا، ته ياد رکو ته رُوءِ زمين تي سڀ کان پهريان حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا وار اڇا ٿيا، انهن کان پهريان ماڻهو پوڙها ٿي ويندا هئا پر انهن جا وار اڇا نه ٿيندا هئا، سڀ کان پهريان جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا وار اڇا ٿيا ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام  الله پاڪ کي عرض ڪيو: مالڪ هي ڇا آهي؟ الله پاڪ فرمايو: اهو وقار آهي۔ سندن عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي منهنجا ربّ! منهنجي وقار کي اڃان وڌائي۔ (مرآة المناجيح، ۶/۱۹۳ ملخصاً) جڏهن ته حضرت سام بن نوح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو زمانو حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کان پهريان جو آهي، تنهنڪري ان جي دور ۾ وار اڇا نه ٿيندا هئا، انهي ڪري حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان کان پڇيو ته وار سفيد ڇو ٿيا آهن؟

   هتي هن مدني گل تي به غور ڪريو! ته حضرت سام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه الله پاڪ