Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat
باقي به هجي ته ان وَقت نڙي ۽ سيني مان غَرغَري جو آواز ئي نڪرندو آهي، رَنگ مٽيالو ٿي ويندو آهي ڄڻ مٽي مان ٺهيو هو ته مرڻ وقت به مٽي ظاهر ٿيندي آهي، هر رَڳ مان رُوح ڪڍيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري تڪليف جسم جي اَندر ٻاهر هر هنڌ ڦهلجي ويندي آهي، اکين جا تارا مٿي ٿي ويندا آهن، چپ سڪي ويندا آهن، زبان سُڪڙجي ويندي آهي ۽ آڱريون نيريون ٿي وينديون آهن، جنهن بدن جي هر هر رَڳ مان رُوح ڪڍيو وڃي ان جي حالت نه پُڇا ڪيو ڇوته جيڪڏهن جِسم جي هڪ رڳ به ڇڪي وڃي ته تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آهي۔ ٿورو غور ته ڪيو ته سڄي رُوح کي هڪ رَڳ مان نه بلڪه هر هر رَڳ مان ڪڍيو ويندو آهي ته ڪيتري قَدر تڪليف ٿيندي هوندي؟ ۽ پوءِ آهسته آهسته جسم جي هر هر حصي تي موت طاري ٿيندو آهي، پهريان پير ٿڌا ٿيندا آهن پوءِ ڀيڏيون ۽ پوءِ رانون ٿڌيون ٿينديون آهن ۽ ائين جِسم جي هر هر حصّي کي سختي کان پوءِ وري سختي ۽ تڪليف کان پوءِ وري تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ايستائين جو رُوح حلق تائين ڇڪيو ويندو آهي، اهو ئي اهو وَقت هوندو آهي جڏهن مرڻ واري جون اُمّيدون دُنيا ۽ دُنيا وارن کان ختم ٿي وينديون آهن پوءِ حسرت ۽ شرمساري ان کي چئني پاسن کان گھيري وٺندي آهي۔ (احياءالعلوم،۵/۲۰۸ ملتقطاً)
نزع میں رَبِّ غَفّار تجھ سے موت سے قبل بیمار تجھ سے
طالبِ جلوۂ مُصْطفٰے ہے یا خُدا تجھ سے میری دُعا ہے
وِردِ لب کلمہ طَیِّبَہ ہو اور ایمان پر خاتمہ ہو
آ گیا ہائے وقتِ قضا ہے یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے
یاخدا ماہِ رَمَضاں کے صدقے سچی توبہ کی توفیق دیدے
نیک بن جاؤں جی چاہتا ہے یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے
(وسائلِ بخشش مرمّم، ص ۱۳۵، ۱۳۷)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد