Book Name:Mout Ki Talkhi Aur Karwahat
بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان جهنم جي عذاب کان ڊڄڻ واريون بڻجي وڃون۔ ياد رکو! اڄ جيڪڏهن اسان دنيا ۾ خوفِ خدا کان سرشار رهيوسين ته اهو ئي خوفِ خدا اسان کي پُل صراط پار ڪرائيندو، جيئن حَضرتِ سَيدُنا فُضَيل بِن عِياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فرمانِ عافيت نشان آهي ته خوفِ خدا جي سَبَب ڪمزور ضعيف ۽ هيڻا پُل صِراط تان آساني سان پار ٿي ويندا ۔ اڄ جيڪڏهن دنيا ۾ اسان جهنم کان پناھ گھرنديون رهيون سين ته آخرت ۾ به ان کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون سين۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي ته جيڪو جَهنَّم کان پناھ گھرندو آهي، جَهنَّم چوندو آهي: اي رَبّ! اهو مون کان پناھ گھري ٿو ته تون ان کي پناھ ڏئي ڇڏ۔ (مسند أبي يعلي، ۵/۳۷۹،حديث: ۶۱۶۴، بهارِ شريعت،۱/۱۶۳)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! موت جو ذائقو، موت جي تڪليف ۽ موت جي سختي اهو اسان جو موضوع آهي۔ جڏهن هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته موت اچڻو آهي ته اها ڳالھ به يقيني آهي ته سڪرات جي ڪيفيت کي منهن ڏيڻو پوندو۔سڪرات جون سختيون، سڪرات جي ڪيفيت، ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڏسڻ، روح نڪرڻ جي تڪليف جو اچڻ اهي سڀئي آزمائش وارا ڪم آهن۔ الله پاڪ جن کي چاهيندو آهي انهن جي لاءِ آسانيون عطا ڪندو آهي۔ اي ڪاش جو هن مرحلن ۾ رحمتِ الٰهي اسان سان گڏ هجي۔ اڄ عمومي صورتحال اها آهي جو هڪ وڏي تعداد آهي جيڪا موت ۽ ان جي سختين سان غافل نظر اچي ٿي۔ جڏهن ته موت ۽ ان جي سختين کان وڌيڪ مشڪل شايد ڪو ٻيو مرحلو هن دنيا ۾ نه آهي۔ جڏهن ڪنهن تي سڪرات جو عالَم طاري ٿيندو آهي ۽ جِسم مان رُوح نڪري رهيو هوندو آهي ان وقت جي تڪليف جهڙي ڪا ٻي تڪليف ناهي هوندي، ان وقت جي درد جهڙو ڪو ٻيو درد ناهي هوندو ۽ ان وقت جي آزمائش جهڙي ڪا ٻي آزمائش ناهي هوندي۔ نَزع جي وَقت پيش اچڻ وارين سختين جو ذِڪر قرآنِ مجيد ۾ به مَوجُود آهي۔ جيئن اِرشادِ باري تَعَاليٰ آهي: