Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

فضيلتن ۽ برڪتن وارا ڪيئي مقام موجود آهن، پر انهن سڀني ۾ ڪعبي شريف کي هڪ خاص مقام حاصل آهي۔ قرآن ِمجيد جيان ڪعبي شريف جي حفاظت جو ذمو به ربِّ ڪريم پنهنجي ذِمَّه  ڪرم تي کنيو آهي ته ڪا طاغوتي طاقت (يعني باطل پرست شيطاني طاقت) نه قرآنِ مجيد کي فنا ڪري سگھي ٿي نه ڪعبه شريف کي رُوءِ زمين تان مٽائي سگھي ٿي ڇوته خداوندِ ڪريم انهن ٻنهي جو محافظ ۽ نگهبان آهي۔             (عجائب القرآن مع غرائب القرآن ،ص۲۲۶)

       اچو! حصولِ برڪت جي لاءِ خانَه ڪعبه جي شان ۽ عظمت بابت هڪ حڪايت ملاحظو ڪريو،

ڪعبي شريف کي سون جي زنجيرن سان  ٻَڌي مَحشر ۾ آندو  ويندو

حضرت سيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ”تَورات شريف“ ۾ آهي ته الله پاڪ قِيامت جي ڏينهن پنهنجي 7 لک معزز ملائڪن کي موڪليندو جن مان هر هڪ جي هٿ ۾سون جي هڪ زَنجير هوندي، الله پاڪ فرما ئيندو:   وڃو! ۽ ڪعبي کي هنن زنجيرن ۾ ٻڌي مَحشر ڏانهن وٺي اچو، ملائڪ ويندا ان کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڪيندا ۽ هڪ ملائڪ پڪاريندو: ’’اي ڪعبة الله! هل۔‘‘ ته ڪعبو شريف چوندو: ’’مان نه هلندس جيستائين منهنجو سُوال پورو نه ڪيو وڃي۔ آسمان تان هڪ ملائڪ پُڪاريندو: ’’تون سُوال ڪر!‘‘، ته ڪعبو بارگاھِ الٰهي ۾ عرض ڪندو: ’’اي الله پاڪ ! تون منهنجي پاڙي ۾ دفن ٿيل مؤمنن جي لاءِ منهنجي شَفاعت قَبول فرماءِ۔ ته ڪعبو شريف هڪ آواز ٻڌندو: مون تنهنجي درخواست قَبول فرمائي ورتي۔ حضرتِ سيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پوءِ مڪي شريف ۾ دَفن ٿيڻ وارن کي اٿاريو ويندو جن جا چِهرا سفيد هوندا۔ اهي سڀئي اِحرام جي حالت ۾ ڪعبي جي چوڌاري گڏ ٿي تَلبِيه (يعني لبيڪ) چئي رهيا هوندا۔ پوءِ ملائڪ چوندا: اي ڪعبه! هاڻي هل۔ ته هو چوندو: مان نه هلندس، جيستائين منهنجي درخواست قَبول نه ڪئي وڃي۔ ته آسماني فضا مان هڪ ملائڪ پڪاريندو: تون گھر، تو کي ڏنو ويندو۔ ته ڪعبو شريف چوندو: اي الله پاڪ! تنهنجا گنهگار ٻانها جيڪي گڏ ٿئي پري پري کان مٽي هاڻا مون وٽ آيا۔ انهن پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ عزيزن کي