Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

درُود شريف جي فضيلت

حضرت سَيدُنا اِبنِ وَهب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته حضرت سَيدُنا ڪعب رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه اُمُّ المؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدّيقه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها جي خِدمَت ۾ حاضِر ٿيا۔ ماڻهن رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو تذڪرو ڪيو ته حضرت سَيدُنا ڪعب رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه فرمايائون: هر روز ستَّر(70) هزار ملائڪ لهندا آهن جيڪي رسُولِ پاڪ، صاحبِ معراج صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قَبر شريف جي چوڌاري اچي پنهنجا پَر وڇائيندا آهن ۽ رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي دُرُودشريف پڙھندا رهندا آهن، ايستائين جو جڏهن شام ٿيندي آهي ته هو (آسمانن ڏانهن) چڙھي ويندا آهن ۽ انهن وانگر (ٻيا ملائڪ) لهندا آهن، اهي به انهن ئي وانگر ڪندا آهن، ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُورِ انور، شفيعِ محشر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن (جي جُھرمٽ) ۾ نڪرندا جيڪي حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رب پاڪ جي بارگاھ ۾ پهچائيندا۔       (مشڪاة،ڪتاب احوال القيامة وبدء الخلق،باب الڪرامات، ۲/۴۰۱ ،حديث: ۵۹۵۵)

بَيان ڪيل حديثِ پاڪ جي حوالي سان حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: خيال رهي ته هميشه سمورا ملائڪ ئي حُضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي دُرُود موڪليندا آهن پر مذڪوره ستر (70) هزار ملائڪ اهي آهن جن کي زندگي ۾ هڪ ڀيرو درٻار جي حاضري جي اجازت